ڪراچي: صدر جي علائقي ۾ مارڪيٽ کي باهه، ڪيترائي دڪان سڙي ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مصروف ترين ڪاروباري علائقي صدر ۾ ريگل چوڪ ڀرسان هڪ مارڪيٽ ۾ باهه لڳي وئي.

فائر برگيڊ اختيارين موجب باهه ريگل چوڪ ڀرسان ڪو آپريٽو مارڪيٽ جي هڪ دڪان ۾ لڳي، جيڪا تيزيءَ سان پکڙجي وئي ۽ ڪيترائي دڪان باهه جي وڪڙ ۾ اچي ويا.

سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي فائر برگيڊ سينٽر موجب اطلاع منلدي ئي مختلف سينٽرن مان 4 گاڏيون ۽ فائر فائيٽر اوڏانهن روانا ڪيا ويا.

شروعاتي جاچ موجب باهه کانپوءِ علائقي کي خالي ڪرايو ويو، جڏهن ته مارڪيٽ ايندڙ ويندڙ روڊن ۽ گهٽين کي بند ڪيو ويو آهي.

باهه سبب تقريبن 35 دڪانن کي نقصان پهتو، جڏهن ته باهه جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، جنهن سبب علائقي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.