ڏيپلو: عرب شڪارين جون ڪيمپون پٽرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڏيپلي ۾ شهري اتحاد ۽ جي يو آءِ جي سڏ تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران عرب شڪارين جون ڪيمپون پٽرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڏيپلي شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ عرب شڪارين جون لڳل ڪئمپون پٽرائڻ لاءِ اڳواڻن عمران باغي۔ مولوي عباس ڪلر۔الله بخش بچاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڏيپلي شھر ۽ ڀرپاسي ۾ عرب شڪارين جون لڳايل غير قانوني ڪيمپون پٽرايون وڃن، سنڌ حڪومت ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته هڪ ڏينهن اندر ڪيمپون ختم ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ شڪارين جي رستا روڪ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.