ڦلجي اسٽيشن: دادو ڪئنال مان نڪرندڙ پير ڳوڻيون شاخ جي ٻنهي پاسن جا ڪپر زبون حالي جو شڪار

ڦلجي اسٽيشن دادو ڪئنال مان نڪرندڙ پير ڳوڻيون شاخ جي ٻنهي پاسن جا ڪپرن کي ڪيترن ئي هنڌن کان ڏار پئجي ويا جنهن سبب شاخ کي گھارو پوڻ جو خدشو آهي.

شهر توڙي ٻھراڙي کان ايندڙ چوپايو مال سبب شاخ ۾ کي ڪيترن ئي ھندن تان روڻيون ۽ڏار پئجي ويا جنهن سبب شاخ جا 15 فٽ ويڪرا ڪپر آبپاشي کاتي جي لاپرواهي سبب ختم  3فٽ وڃي بچيا آهن جنهن جي ڪري شاخ کي گھارو پوڻ جو خدشو آهي.

ڦلجي شهر جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته دادو آبپاشي کاتي جي انتظاميا کي ھر سال شاخ جي موري ۽ ڪپرن جي مرمت لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪروڙين روپيا ملن ٿا پر مليل رقم ھڙپ ڪري ڪئي وڃي ٿي.

هنن سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته پير ڳوڻيون شاخ جي زبون ٻڻيل موري ۽ شاخ جي ٻنهي ڪپرن جي مرمت ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.