ڪوٽڙي: پورهيت جا قاتلن گرفتار نه ٿيڻ خلاف شورا برادري جو ڪٺ

ڪوٽڙي ۾ شورا برادري پاران حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل پورهيت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪٺ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ قاتلن جي گرفتار لاءِ سپر هاءِ وي تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو.

پنج مھينا اڳ حيدرآباد جي شادي ھال ۾  بيدردي سان قتل ڪيل پورھيت ٺارو شوري جا قاتلن گرفتار نه ٿيڻ خلاف شورا برادري پاران ڳوٺ لکاڏنو ۾ ڪٺ ڪوٺايو ويو جنھن ۾ برداري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي قاتلن جي گرفتاري لاء 18 نومبر تي سپر ھاء وي تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو.

شوڪت شورو ـ آصف شورو ـ وحيد ڪرن شورو ۽ ٻين چيو پنج مھينا گذرڻ جي باوجود پورھيت جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.