ميرپوربٺورو: عورت جو گھرڀاتين سان گڏ بااثر خلاف احتجاج

ميرپور بٺوري ۾ بدين جي عورت پاران بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بدين جي ڳوٺ جان محمد منڌرو جي رهواسڻ سوناري ميڌرو پنهنجي گھر ڀاتين سان گڏ پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ عبدالحڪيم مينڌرو اغوا ڪري کڻي ويو هو جنهن بعد پوليس بازياب ڪرائي مائٽن حوالي ڪيو ۽ بااثر وري موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

ناري جي امڙ چيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود بدين پوليس کيس گرفتار ناهي ڪري رهي،

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪاروائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.