گئس بحران حڪومتي نااهليءَ جو چٽو ثبوت آهي: شهباز شريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته گئس جي عدم فراهمي ۽ بحران حڪومتي نااهلي ۽ بي حسيءَ جو چٽو ثبوت آهي، ملڪ ۾ 300 کان 400 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس جي کوٽ ٿي وئي.

پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف گئس کوٽ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سيارو شروع ناهي ٿيو ۽ گهرن ۽ ڪارخانن کي گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي، عمران نيازي صاحب ڪهڙا سٺا ڏينهن آندا آهن؟

هن چيو ته شهرين لاءِ رڳو 3 وقت گئس فراهمي جو اعلان حڪومتي بي حسي ۽ نالائقي آهي، موجوده حڪومت پاڻ اعتراف ڪيو ته ن ليگ جي قائم ڪيل انفرا اسٽرڪچر سان گئس جس 14 ڪارگوز آڻي سگهجن ٿا، ملڪ ۾ هن وقت 18 وڌيڪ ڪارگوز کي کپت آهي پر حڪومت رڳو 10 ڪارگوز گهرائي رهي آهي، جڏهن ته ان انفرا اسٽرڪچر سان وڌيڪ ڪارگو اچي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته وهنجڻ لاءِ گرم پاڻي کي حڪومت اڳ ئي عياشي قرار ڏئي چڪي آهي، گئس نه هجڻ سان صنعتن جو ڦيٿو بيهجي ويندو، ملڪ ۾ اڳ کان موجود تاريخي بيروزگاري ۾ واڌ ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.