دبئي، شارجا ۽ عجمان ۾ زلزلي جا جهٽڪا

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارتن جي رياستن دبئي، شارجا ۽ عجمان ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب زلزلي جي ڪري ڪيتريون ئي عمارتون لُڏي ويون، جڏهن ته وڏي عمارتن مان ڪيترائي ماڻهو هيٺ نڪري آيا.

رپورٽن موجب زلزلي جو مرڪز ايران هو جيڪو شام 4 وڳي 16 منٽ تائين آيو.

يورپين ميڊيٽيئرين سيسمولوجيڪل سينٽر موجب زلزلي جي شدت 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته زلزلو بندر عباس کان 47 ڪلوميٽر پري 10 ڪلوميٽر گهرائي ۾ آيو.

واضح رهي ته دبئي ۾ آئي سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل نيوزي لينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ کيڏيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.