حڪومت جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اتحادين جا خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اتحادي جماعتن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي.

حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي اتحادي جماعتن جا خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ اتحادي جماعتن ۽ حڪومت جي وفدن وچ ۾ اهم ملاقات سڀاڻي طئي ٿي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادي جماعتن کي اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارن تي بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته حڪومتي وفد اتحادي جماعتن جا ٻيا خدشا به ختم ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.