ڪابل ۾ بم ڌماڪو، صحافي مارجي ويو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان تخت گاهه ڪابل ۾ مبينا بم ڌماڪي ۾ هڪ صحافي مارجي ويو.

حميد سيغاني نالي صحافي هڪ مني بس ۾ سوار هو ۽ جڏهن اها بس دشت بارچي علائقي ڀرسان پهتي ته زمين اندر لڪايل بم سان ٽڪرجي پئي.

ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته مارجي ويل صحافي حميد سيغاني آريانه ٽيلي ويزن سان سلهاڙيل هو.

ڪابل ۾ قائم صحافين جي تنظيم افغان جرنلسٽس سينٽر به سيغاني جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ڪنهن به ڌڙي ان ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.