نئون گئس شيڊيول، پيٽروليم ڊويزن اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊويزن گهريلو واهپيدارن کي ڏينهن ۾ 3 وقت گئس جي فراهمي بابت وضاحت جاري ڪري ڇڏي.

پيٽروليم ڊويزن موجب ڏينهن ۾ گهريلو واهپيدارن کي رڳو 3 وقت گئس فراهمي جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته سوئي ناردرن کي گئس جي فراهمي بابت حڪم ڏنا آهن، کاڌي جي وقتن ۾ گهريلو واهپيدارن کي گئس فراهمي يقيني بنائڻ جي هدايت ڏني آهي.

واضح رهي ته پيٽروليم وزارت ۽ سوئي ناردرن گئس ڪمپني گئس فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم وزارت ۽ گئس ڪمپنين نئون گئس شيڊيول جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن تحت 24 ڪلاڪن مان رڳو ڪجهه ڪلاڪ گئس ملي سگهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.