مينهن جي کير نه ڏيڻ تي مالڪ دانهن کڻي ٿاڻي پهچي ويو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ هڪ هاري مينهن جي کير نه ڏيڻ تي شڪايت کڻي ٿاڻي پهچي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش جي علائقي ڀنڊ ۾ هڪ هاري پوليس اسٽيشن ۾ عجيب ۽ انوکي شڪايت کڻي پهتو.

هاري جو چوڻ هو ته منهنجي مينهن ڪجهه ڏينهن کان کير نه پئي ڏئي ۽ مون کي شڪ آهي ته ان تي جادو ڪرايو ويو آهي.

رپورٽ موجب ان شڪايت جو جڏهن اعليٰ اختيارين کي علم ٿيو ته انهن مقامي ٿاڻي کي هدايت ڪئي ته اهي ٻهراڙين ۾ مالوندن کي رهنمائي فراهم ڪن.

پوءِ هاري پنهنجي مينهن کي ٻيهر ٿاڻي پهچايو ۽ پوليس جا ٿورا مڃيندي چيو ته هاڻ ان کير ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.