سعودي عرب ۾ پهرين وومين فٽبال ليگ جو اعلان

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پهرين وومين فٽبال ليگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي فٽبال ايسوسيئيشن چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وومين فٽبال ليگ ڪرائي پئي وڃي، ليگ هلندڙ مهيني جي 22 تاريخ تي ٿي رهي آهي، اها ٻن مرحلن ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 16 ٽيمون پهرئين مرحلي ۾ رياض، جدي ۽ دمام ۾ ميچون کيڏنديون، جڏهن ته ٻيو مرحلو ايندڙ سال جي شروعات ۾ جدي ۾ ٿيندو.

واضح رهي ته سعودي حڪمرانن طرفان ويزن 2030 جي اعلان کانپوءِ ملڪ ۾ ڪيتريون ئي سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ سياسي تبديليون ڏسڻ ۾ آيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.