ماهرن جي تحقيق بلڊ پريشر وارن جو مسئلو سولائي سان حل ڪري ڇڏيو

آمريڪي سائنسدانن موجب جيڪڏهن روز جي بنيادن تي مرچ ۽ مصالحا کاڌن ۾ وجهي استعمال ڪجن ته بلڊ پريشر کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

پنسلوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ کاڌن جي پروفيسر پيني ڪرس ايٿرٽن ۽ ان جي ساٿين اها تحقيق ڪئي، جنهن جي لاءِ اهڙا 71 رضاڪار ڀرتي ڪيا جن کي دل جي بيمارين جو خطرو هو.

انهن سڀني کي 16 هفتن تائين روز جي بنيادن تي کاڌن ۾ مختلف مقدار ۾ مرچ ۽ گرم مصالحا ٻُرڪي کارايائ

انهن رضاڪارن کي پهريون چئن هفتن ۾ کائڻ سان گڏ گهٽ مقدار ۾ مرچ ۽ گرم مصالحا کارايا ويا جنهن کانپوءِ ٻن هفتن جو وقفو ڏنو ويو.

ٻئي مرحلي ۾ اهو ئي عمل ججهي مقدار واري مرچن ۽ گرم مصالحن سان گڏ ٻيهر ڏنو ويو جنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻن هفتن جو وقفو رکيو ويو.

آخري مرحلي ۾ چئن هفتن جي لاءِ مرچن ۽ گرم مصالحن جو مقدار سڀ کان وڌيڪ مطلب 6.5 گرام رکيو ويو، جيڪو ڏيڍ کائڻ واري چمچي کان ٿورو گهٽ هوندو آهي.

هر مرحلي کانپوءِ انهن رضاڪارن ۾ ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر سان گڏ دل جي صحت جو به جائزو ورتو ويو.

آخر ۾ تجزيو ڪيو ويو ته خبر پئي ته کاڌي سان گڏ مرچ ۽ گرم مصالحن جو 6.5 گرام مقدار روز استعمال ڪرڻ سان رضاڪارن ۾ بلڊ پريشر گهٽ رهيو ۽ ڪوليسٽرول جي سطح ۾ به واڌ نه ٿي.

انکانسواءِ جيڪڏهن سلاد ۽ فروٽ کائڻ وقت به انهن تي مرچ ۽ گرم مصالحا ٻرڪي کاڌا ويا ته اهو صحت جي لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.