ناليواري اداڪارا مردن جي وار ڇڻڻ تي حيران، مهانگائي جا سُور پِٽڻ لڳي

ناليواري پاڪستاني اداڪارا سونيا حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام جشن ڪرڪيٽ ۾ اداڪارا مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن ۾ ان کان سوال ڪيو ويو ته ڪيترا سيڪڙو ماڻهو نقلي دند لڳرائيندا آهن؟

سونيا حسين کِلندي چيو ته نقلي وارن جو پڇو ته مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان، هن مزاق جي انداز ۾ چيو ته مونکي لڳندو آهي ته نقلي وار سڀ لڳائيندا آهن.

اداڪارا جو چوڻ هو ته عورتن جا وار مردن جي مقابلي ۾ سُٺا هوندا آهن، پر مرد ويچارن جي خبر ناهي ڪنهن ذهني دٻاءُ جو شڪار هوندا آهن جو انهن جا وار ئي ڪِري پوندا آهن.

ملڪ ۾ مهانگائي بابت سونيا چيو ته جيڪڏهن مان اهو ٻڌندم ته پاڪستان ۾ مهانگائي ناهي ته مان بيهوش ٿي ويندس، ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ئي نٿي ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.