ثانيا نشتر جي احساس راشن پروگرام بابت اهم ڳالهه ٻولهه

 

حسن ابدال (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ثانيا نشتر چيو آهي ته احساس راشن پروگرام ڪاميابيءَ سان شروع ٿي چڪو آهي.

ثانيا نشتر حسن ابدال جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته احساس راشن پروگرام ڪاميابي سان شروع ٿي چڪو آهي، پروگرام ۾ 40 ملين ماڻهن هيل تائين درخواستون جمع ڪرايون آهن، جڏهن ته هڪ ملين ماڻهو ڪاميابيءَ سان رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ماهوار هڪ هزار رپين جي سبسڊي هر خاندان کي ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.