مفتاح اسماعيل رپئي جو قدر گهٽجڻ جا سبب ٻڌائي ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته رپئي جو قدر تيزيءَ سان ڪِرڻ جو سبب آءِ ايم ايف پروگرام بابت غير يقيني صورتحال آهي.

پنهنجي بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته رپئي جو قدر تيزيءَ سان ڪِرڻ جا 4 اهم سبب آهن، جن ۾ پهريون سبب آءِ ايم ايف پروگرام جي تجديد کانپوءِ غير يقيني صورتحال آهي.

هن چيو ته ٻيو سبب تاريخ جو سڀ کان وڏو واپاري خسارو، تيزي سان وڌندڙ درآمدون آهن، جڏهن ته ٽيون سبب ملڪ ۾ مهانگائي جي بلند ترين شرح ۽ رپئي جي فراهمي ۾ تيزي سان واڌ آهي.

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي تجديد کانپوءِ طئي ٿيل رقم وصول نه ٿيڻ به مهانگائي جو هڪ سبب آهي، جڏهن ته رپئي جي سپلاءِ ۾ واڌ ملڪي معيشت تي دٻاءُ وڌو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.