”عمران خان مهانگائي خلاف عملي قدم کڻي يا گهر وڃي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گهٽجندڙ آمدني ۽ وڌندڙ مهانگائي جي بحران کي روڪڻ لاءِ عمران خان عملي قدم کڻي يا گهر وڃي.

پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري اقتدار حاصل ڪندڙ عمران خان وٽ بحرانن جي حل لاءِ نه ڪو ويزن آهي ۽ نه ڪو منصوبو، عمران خان هر بحران تي نوٽيس وٺي آخر ۾ ”مان ڇا ڪيان“ جو اعلان ڪري نوان بحران پيدا ڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي.

هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ عام ماڻهو مهانگائيءَ سبب پريشان آهي ۽ ان جو رڳو هڪ ئي سبب عمران خان جي نااهلي آهي، قوم مهانگائي جي صورت ۾ تبديلي جي اها خوفناڪ قيمت ادا ڪري رهي آهي، جنهن جو ازالو ايندڙ ڪيترين ئي حڪومتن کي ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.