باهو کوسو ۾ هڪ ئي رات 2 چوريون، پوليس ستل

باھوکوسو(رپوٽ) آرڊي 44 ٿاڻي جي حد ۾ چورن ترتپائي ڏنو ھڪ ئي رات ۾ ٻه چوري جون وارداتون، عثمان نندواڻي جي گهر مان پنچ ٻڪري چوري ۽ ساڳئي رات  جاويد نندواڻي جي گھران ٽچ موبائل ۽ بيئٽري چوري پکو سولر پليٽ چوري ڪري فرار. جڏھن آرڊي 44ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم خان نندواڻي ۾ رات نامعلوم چور گھر ۾ گهڙي عثمان نندواڻي جي گهر مان ٻڪريون ۽ ڳئون چوري ڪري فرار ٿي ويا ۽  ساڳئي  رات ساڳئي ڳوٺ مان چورن جاويد نندواڻي جي گھر ۾ گهڙي ٽچ موبائل فون ۽ ھڪ سئو وولٽيج جو ٻه بيٽريون پکو ۽ سولر پليٽ چوري ڪري فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ايس ايچ او روشن مزاري آر ڊي 44 ٿاڻي تي مقرر ٿيو آهي تڏهن کان  وٺي بدآمني ۾ اضافو ٿيوآھي انهن جو پڻ چوڻ ھو ته ايس ايڇ او  روشن مزاري چورن جو ساٿاري آهي وڌيڪ ڳالهائيندي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته پوليس رات گشت ڪرڻ بجائي رات جو ٿاڻي تائين محدودآھي جنهن ڪري ڏوهاري طبقي کي کلي چوٽ آھي پوليس جون چيڪ پوسٽ بند پيل آھن پوليس عملو گهر ويٺي پگهارون پيو کڻي  علائقي واسي راتين جو راتيون جاڳي گذارڻ  تي مجبور آهن  هنن  ايسايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪندي چيو ته آر ڊي 44 جو ايس ايڇ او  فل فورھٽائي هڪ ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي ۽ چوريون واپس ڪرايون وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.