ٽنڊي آدم مان 2 نينگر گم،وارث پريشان

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم مان 2 نينگر 36 ڪلاڪن کان پراسرار نموني گم ڳولا باوجود هٿ نه آيا وارث پريشان رپورٽ موجب ٽنڊو آدم جي غوثيه ڪالوني جوهر آباد  جا رهواسي 2 نوجوان دوست 15 ورهين جو مزمل ولد محمد شريف ڪمبوھ ۽ سندس پاڙيسري ۽ دوست 14 ورهين جو محمد جبران ولد محمد شفيع چندريگر ٻن ڏينهن کان گهران گڏ نڪرڻ بعد 36 ڪلاڪن کان گم  آھن. ٻنهي نينگرن جي وارثن محمد احمد رضا ڪمبوھ ۽ رضوان چندريگر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻئي نينگر پاڻ ۾ دوست آھن ۽ اسين پاڙيسري آھيون  گهران ٻئي  گڏ نڪتا ۽ 36 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود  گهر نه آيا آھن ڪافي ڳولا ڪئي آھي پر هٿ اچي نه سگهيا آھن سٽي ٿاڻي تي گمشدگي بابت اين سي  به داخل ڪرائي آھي ۔ هنن وس وارن کي ٻنهي نينگرن جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.