کپري لڳ ڳوٺ ۾ باهه، 4 گهر سڙي خاڪ

کپرو (ت ر) کپرو ويجهو ڳوٺ گل محمد راڄڙ ۾ چلھ مان چڻنگ اڏڻ سبب ڀيل برادري جا 4  گهر سڙي رک جو ڍير ٿي ويا باھ لڳڻ سبب لڇمڻ ڀيل , موهن , گورڌن , پارو ڀيل جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان , اناج , نياڻين جي ڏاج سميت گهرن ۾ هنڌ بسترا , برتن ۽ ٻيو سامان سڙي الھ تلھ ٿي ويو ڳوٺاڻن جي اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي ڇڏيو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ذابطو آندو باھ متاثر کلئي آسمان هيٺ  بي يارو مددگار آھن باھ متاثرن موجب چلھ جي چڻنگ مان باھ اٿي جنهن سبب اسان جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو اسان غريب پورهيت آھيون اسان وٽ ڪجھ به ناهي جيڪو ڪجھ هيو سو سڙي ويو هنن ڊي سي سانگهڙ ۽ ٻين سرندي وارن کان مالي امداد جي اپيل ڪئي آھي.

  • پني عاقل ۾دڪان کي باهه، سامان سڙي ويو

پنوعاقل (ن ع آ) فرنيچر جي مستري گل بھار سومرو جي ڊکاڻڪي دڪان  کي باھ ڏيڻ ڪري ڪيتروئي نقصان بائجي ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ درج،پورھيت گل بھار سومرو ٿاڻي ۽ ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته جمعي رات نامعلوم ماڻھون بند پيل فرنيچر واري دڪان کي باھ ڏئي،قيمتي ٺھيل ڪاٺ جو سامان ۽ پيل ڪاٺ ۽ اوزار سڙي ويا آھن،جنھن ڪري لکين رپين جو نقصان رسيو آھي،مستري جو چوڻ آھي ته ھن ڊي ايس پي سٽيءِ ۽   بائجي پوليس کي آگاھ ڪيو آھي،ھن چيو ته ڪجھ شرپسند ماڻھون مونکي اڳ ئي ڌمڪائي رھيا آھن خطرو آھي ته ڪٿي منھنجي دڪان کي باھ ڏيندڙ بااثر مارائي ته نه ڇڏيندو،ھنن اعليٰ اختيارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي انصاف جي گھر ڪئي.

  • ٺل ۾ ڪاٺ جي دڪان کي باهه، لکن جو نقصان

ٺل(ن ع آ ) ٺل ۾ بجلي شارٽ سرڪٽ سبب دڪان کي باه,لکين روپيئن جو ڪاٺ سڙي رک,وس وارن کان واهر جي اپيل خبر موجب ٺل شهر جي محمد ميان سومرو ڪالوني ۾ ميانداد سومرو جي ڊکاڻڪي جي دڪان ۾  اچانڪ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ لکين روپين جو ڪاٺيون سڙي ويون باه جو اطلاع تي فائربرگيڊ عملو پهچي باه تي ڪنٽرول ڪيو دڪاندار ميانداد سومرو ٻڌايو ته اچانڪ دڪان کي باه لڳي وئي جنهن ڪري دڪان ۾ پيل لکين روپين جو ڪاٺ سڙي رک ٿي ويو آهي جنهن ڪري ڊي سي جيڪب آباد کي اپيل آهي ته منهنجي مالهي مدد ڪئي وڃي.

  • ميان صاحب ۾ٽن ديرن کي باهه، سوين مڻ ساريون خاڪ

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان گذريل رات دير سان نامعلوم شرپسندن درگاهہ آخوند خير محمد رح جي گادي نشين ۽ زميندار ميان فيض محمد پنهيار جي سارين جي ٽن ديرن کي باهہ ڏني وئي جنهن ڪري ٽن سارين جي ديرن ۾ رکيل سوين مڻ ساريون سڙي رک ٿي ويون ، ميان صاحب پوليس ۽ پنهيار برادري جي ماڻهن 3 عدد کوجي ڪتا گهرائي ورتا جن جي مدد سان شر پسند جوابدارن جي گرفتاري لاء پيرا کنيا ويا جيڪي ميان صاحب ڀرسان عبدالستار پنهيار  ڳوٺ دين محمد پنهيار ۽ ڳوٺ شير شر ۾ لڳا جتان پوليس شڪ جي بنياد تي ٽنهي ڳوٺن ارصلاح پنهيار ،  عبدالستار پنهيار ۽ ڳوٺ شير شر مان 5 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جتي گرفتار ٿيل پنهيار ۽ شر برادري جي ماڻهن عبدالستار پنهيار ، ارصلاح پنهيار ۽ شير خان شر ۽ ٻين چيو تہ اسان باهہ واقعي ۾ ملوث ناهيون ۽ ڪتن غلط پيرو هنيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ميان صاحب پوليس موجب ديرن کي باهہ ڏيڻ وارن واقعن ۾ شڪي ورتا آهن جن کان جاچ ڪري رهيا آهيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.