گهوڙا ٻاري لڳ ناري ۽ نينگر جي قبر ڪشائي، جزا ورتا ويا

گھوڙاٻاري (رپورٽ سيد امير شاھ ڀاڏائي )  چار مهينا اڳ ڳاڙھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملوڪ لاکو ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ تان مبينا قتل ٿيل ناري جي قبر ڪشائي،بينظير لاکو کي مائيٽن گهرائي دوکي سان قتل ڪيو هو جنهن جي قبر ڪشائي ڪئي وئي سول جج گھارو ۽ جناح اسپتال ڪراچي جي ميڊيڪل ٽيم ناري بينظير لاکو جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا ڪراچي ليبارٽري موڪلي ڇڏيا قبر ڪشائي ڪيس جي فريادي فوتي ناري بينظير لاکو جي مڙس رجب انڙ جي فرياد تي ڪئي وئي، هوڏانهن گهوڙا ٻاري شهر ويجهو ڳوٺ درويش ۾ درياهه جي  ڪپ تي 6 مھينا اڳ مبينا بدفعلي بعد قتل ٿيل معصوم بشير ملاح جي اڄ سينئر فرسٽ سول جج ٺٺو ۽اسپيشل ميڊيڪل ٽيم ڪراچي گلزار سولنگي جي سربراهي ۾ ڳوٺ درويش پھتي فوتي جي وارث پيءُ محمد حسن ملاح جي فرياد تي ايس ايڇ او گھوڙاٻاري محمد حسن پتافي انچارج پير پٺو مختيار ڪلھوڙو جي موجودگي ۾ قبرکولي  لاش جا جزا ورتا ويا جزا ليباٽري ڏانهن موڪليا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.