هوسڙي ويجهو نينگر سان بدفعلي جي ڪوشش

ھوسڙي (ن ع آ)  ھوسڙي پوليس پوسٽ ويجھو ناريجا ورڪشاپ وٽ ھڪ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار لطيف آباد جي رھواسي تيرھن سالن جي نينگر عبدالرئوف ولد محمد نعيم عباسي کي لطيف آباد مان موٽرسائيڪل تي لفٽ ڏئي ناريجا ورڪشاپ جي پھاڙي تي زوري زنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نينگر جي رڙيون ڪرڻ تي رستي تان ويندڙ نوجوان رمضان خماري نينگر کي بچائي ورتو. جڏھن ته ملزم مزاحمت ڪندڙ نوجوان کي چاڪو ڏيکاري پٿرن جا وار ڪندي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نينگر کي ھوسڙي پوليس پوسٽ تي آندو ويو جتان ھوسڙي پوليس نينگر جي مدد سان نينگر جي وارثن سان رابطو ڪري نينگر کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. نينگر جي والد محمد نعيم ھوسڙي ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪرائيندي سندس پٽ کي بچائيندڙ نوجوان جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.