ماٿيلي ۾ صحافي ۽ ڪئمرامين کي ڪٽڪو، احتجاج

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ميرپورماٿيلو ۾ ڊي او صحت گھوٽڪي ۽ صحافي برڪت ميراڻي ۽ ڪيمرامين عمر ڪورائي وچ ۾ ڊي ايڇ او آفيس اندر جھيڙو، صحافي ۽ ڪيمرا مين کي ڊي او صحت ۽ آفيس اسٽاف جو ڪٽڪو، صحافين پاران ڊي ايڇ او خلاف احتجاج، ڊي ايڇ او خلاف ڇتي نعريبازي، ڊي ايڇ او خلاف ڪاروائي جو مطالبو، تفصيل موجب  ميرپورماٿيلو ۾ ڊي او صحت گھوٽڪي ۽ صحافي برڪت ميراڻي ۽ ڪيمرامين عمر ڪورائي وچ ۾ ڊي ايڇ او آفيس اندر جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ صحافي برڪت ميراڻي ۽ ڪيمرا مين عمر ڪورائي کي ڊي ايڇ او صحت ۽ آفيس اسٽاف پاران ڪٽڪو ڏنو ويو، اطلاع تي ميرپور ماٿيلو جا صحافي ڊي ايڇ او آفيس پهچي ويا ۽  صحافين پاران ڊي ايڇ او خلاف احتجاج ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي سيد اشرف شاھ، لطيف لغاري، برڪت ميراڻي، ۽ ٻين پُڻ ڪئي،ان موقعي تي ڊي ايڇ او خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، صحافين پاران ڊي ايڇ او خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي، ياد رھي تہ ويڪسينيٽرن جا انٽرويو ھلي رھيا ھئا تہ صحافي رڪارڊنگ لاء پھتو جتي جھيڙو ٿي پيو صحافين کي مارڪٽ ڪرڻ واري واقعي خلاف صحافين جو ڊي ايڇ او آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ڊي ايڇ او خلاف سخت نعريبازي اي سي ميرپورماٿيلو جون صحافين سان ڳالھيون ڪيون، پر ڳالھيون ناڪام ٿي ويو جنهن بعد صحافين جو احتجاج جاري رهيو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.