حڪمرانن عوام کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي جيڪڏھن حڪمران مھانگائي جو خاتمو، روزگار، صحت ۽ تعليم نٿا ڏئي سگھن تہ پوءِ اقتدار تي ڇو قابض ٿي ويٺل آهن ڪروڙين ماڻھو بنيادي انساني حقن کان محروم آھن ۽ حڪمران تماشائي بنيل آھن اياز لطيف پليجي چيو تہ اھا بدقسمتي آھي جو ھر دور ۾ ملڪ بدران حڪمران ترقي ڪري وڃن ٿا، ڪک پتي مان ارب پتي بنجي وڃن ٿا.عوام کي رڳو ڪوڙا نعرا، ڪوڙا واعدا، کوکلا خواب ۽ دوکو حاصل ٿئي ٿو. ڪرپشن، اقرباپروري ۽ ٻين جي پويان لڳڻ واري پاليسي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ آھي اڄ اسين مشڪل ترين دور مان گذري رھيا آھيون۔ امير ماڻھو پنھنجن محلن ۽ بنگلن ۾ آرام سان محفوظ آھن پر غريب مزدور ھاري ۽ مسڪين ماڻھو ٻن وقتن جي ماني لاءِ دربدر آھن حڪومت وٽ انھن کي ڏيڻ لاءِ ڪجھ بہ ناھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏھن حڪمران ڪرپشن جي بازار لڳائڻ بدران ملڪ جي ادارن کي ٺاھين ھا صحت تعليم سميت ھر شعبي ۾ ميرٽ تي ڪم ڪن ھا تہ ھن وقت صورتحال سڌريل ملڪن جھڙي ھجي ھا اياز لطيف پليجي چيو تہ  ماڻھن کي بنيادي انساني حق تڏھن حاصل ٿي سگھن ٿا جڏھن اسان جي ملڪ جون پاليسيون تبديل ٿينديون، حڪمران پوائنٽ اسڪرونگ ۽ عالمي طاقتن جي ھدايتن تي ھلڻ بدران پنھنجون خودمختيار پاليسيون جوڙيندا. انھي پاليسي ۾ مستحڪم معيشت، تعليم، سائنس، صحت، ميرٽ ۽ ترقي ھوندي، پوءِ غربت اسان لاءِ وڏو مسئلو نہ رھندي. اسين دنيا جا خوشحال ۽ ترقي يافتح ملڪ ۽ قوم بنجي سگھون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.