ڳڙهي خيري ۾ چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ 3 شڪي گرفتار

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ۾ ٽيلي فون ايڪسچيج ڀر سان نامعلوم چور استاد محمد صالح لغاري جي گھر ۾ نا معلوم چور گھڙي چوري ڪري رھيا ھئا ته گھر ڌڙي سڄاڳ ٿي پيا, ان موقعي تي چور فرار ٿي ويا, بعد ۾ پنجاب مان کوجي ڪتا گھرايا ويا, کوجي ڪتو چورن جو پيرو کڻندي ريلوي اسٽيشن ڀر سان ليڙواڻي جي گھر ۾ ويھي رھيو جنھن بعد ڳڙھي خيرو پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

  • ڊگهڙي ۾هيلٿ ورڪرن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ڊگهڙي ( ن ع آ )آل ليڊي هيلٿ ورڪر يونين پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪندڙ ويڪسينٽرن جي حق ۾ پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي آل ليڊي هيلٿ ورڪر يونين جي اڳواڻن صغري خاصخيلي،بچان دايو،عصمه آرائين،توحيد ڪوثر ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جا ويڪسينيٽر جيڪي پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن حڪومت کي گهرجي ته سندن مطالبا منظور ڪري پر انڌير نگري واري دور جيان حڪومت سرڪاري ملازمن تي پوليس ذريعي تشدد ۽ گرفتاريون ڪرائيندي آهي هنن چيو ته 336ويڪسينيٽرن کي فوري طور تي بحال ڪري ملڪ جي ٻين صوبن جيان سروس اسٽرڪچر ۽ اسڪيل ڏنو وڃي پاڪستان جي آئين تي عمل ڪندي کين سمورا جائز حق ڏنا وڃن، تازو ارڙي ۽ روبيلا جي ويڪيسن شروع ٿيڻ واري آهي جيڪڏهن ويڪسيٽرن جا مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته ويڪسين ڪمپين جي بائيڪاٽ سميت اسان ويڪسينيٽرن جي ڏنل هر سڏ تي سنڌ جون ليڊي هيلٿ ورڪرز گڏ بيٺل هونديون اسان وزير اعلي سنڌ،صحت جي صوبائي وزير عذره پيچوهو ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته ويڪسينيٽرن جائز مطالبا منظور ڪري پکڙيل بيچيني کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.

  • حيدرآباد ۾ عورت جو اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ جو الزام

    حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مبينا اغوا ڪري پرڻيل عورت سان نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جي او آر ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل. حيدرآباد جي علائقي جي او آر ڪالوني جي بنگالي پاڙي جي رهواسڻ 22 ورهين جي ص ڌيءَ ش جي او آر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته جوابدار حميد حسين ٻه مهينا اڳ حيدرآباد مان زبردستي اغوا ڪري ڪراچي کڻي ويو، جتي هُن مون سان زبردستي نڪاح مٿان نڪاح ڪيو ۽ زبردستي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو،جتان وجهه وٽ پيءُ جي گهر پهتي آهيان، جتي وري حميد حسين پنهنجي ساٿين سان گڏجي مون کي منهنجي پيءُ جي گهر مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي. پوليس کي اطلاع ڪرڻ تي جوابدار مون کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا. جڏهن ته منهنجي اڳ ئي ڀارتي شهري رضوان مارواڙي سان شادي ٿيل آهي ۽ اها شادي آن لائين ٿي. هن ٻڌايو ته منهنجو مڙس ڪاروبار جي حوالي سان دبئي ترسيل آهي ۽ موڪل تي مون وٽ ايندو رهندو آهي، جنهن مان مون کي منشا نالي هڪ ڌيءَ جو اولاد به آهي. جي او آر پوليس ناري جي فرياد تي ڇهن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري کيس ميڊيڪل جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.17

     

     

  • ڏهرڪي لڳ پوليس نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو

    ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي پوليس پنجاب واسي نوجوان کي گوليون هڻي هاف فراءِ ڪري مبينه پوليس مقابلي ۾ کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ان سلسلي ۾ ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته پوليس خفيه اطلاع تي ڪاروائي ڪندي نيشل هاءِ تي پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڏوه جي ارادي سان بيٺل پنجاب جي صادق آباد شهر واسي اضل ڪوش کي پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته رات جي انداهي جو فائدو وٺندي هن جا ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل افضل ڪوش مٿان سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن.

     

  • راڄو خاناڻي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو ا حتجاج

راڄوخاناڻي (ن ع آ)  راڄوخاناڻي ۾ ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي ڳوٺ حاجي خاصخيلي جي پريمي جوڙي شبنم ۽ ارباب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پيار جو پرڻو سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي ناري شبنم جو چوڻ آهي تہ منھنجي مائٽن منھنجي شادي ھڪڙي موالي نشائي سان ڪرائي پئي جيڪو سڄو ڏينهن نشي۾ڌت ھوندو آھي جنھن ڪري مون پنهنجي مرضي سان ارباب علي سان سيش ڪورٽ حيدرآباد  ۾ نڪاح ڪيو آهي جنهن کان پوء مونکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن تنھنڪري اسين زال مڙس لڪي لڪي زندگي بسر پيا ڪريون ھنن وزير اعلي سنڌ ڊي پي او ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي اسان کي مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن۾ملوث ڪرڻ جي ڪوششن کان تحفظ ڏنو وڃي.

  • بٺوري ۾بدامني، مسجد ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل چوري

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺورو ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به چوري جي واردات، نامعلوم چور جامع مسجد جي ٻاهر بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا، ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سبب روزانو وارداتون ٿيڻ معمول بڻجي ويو، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ۾ جامع مسجد ٻاهران موٽر سائيڪل بيهاري نماز پڙهڻ لاءِ ويندڙ درزي بابو لوهار جي موٽر سائيڪل نامعلوم چور ڪاهي فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي بابت پوليس اسٽيشن تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

 

  • پني عاقل لڳ ڪمند جي فصل کي باهه

پنوعاقل  (ن ع آ ) پنوعاقل لڳ پورھيتن جي ڪمند جي فصل کي باھ لڳڻ ڪري لکين رپين جو نقصان اعليٰ اختيارن کي مدد جي اپيل،گذريل رات نامعلوم ماڻھون پاران پورھيت محمد عمر ڪلھوڙو جي ڪمند تي باھ ڏيڻ ڪري 10 جريب زمين تي پوکيل ڪمند سڙي رک ٿي ويو،ان ڏس ۾ زمين مالڪ مرتضٰ ڀيو جو چوڻ آھي ته اسان باھ واقعي جي جاچ ڪرائينداسون،ھن چيو ته باھ لڳڻ ڪري لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي،جيڪو ڊي سي ۽ ڪمشنر سکر سميت اعليٰ اتيارن کي آگاھ ڪيو ويندو،ته جئين نقصان جي مالي امداد ٿي سگھي.

  • پٿوري لڳ پاڻ ساڙيندڙ نوجوان فوت

پٿورو (ن ع آ ) 5 ڏينهن اڳ  پٿوري تعلقي جي شھر غلام نبي شاھ ۾ پاڻ تي پئٽرول هاري باھ ڏيندڙ ڪالو واڻيو جنهن جو %60سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ سبب حيدرآباد جي اسپتال۾ زير علاج  هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آھي ٻڌايو وڃي پيو ته فوتي نشو واپرائيندو هو  ڪجهه وقت پھرين ھن  پنهنجي ماءٔ ۽ ڀيڻ تي نشي جي حالت ۾ سخت تشدد ڪيو هو جنهن کان پوءٔ غلام نبي شاھ پوليس پاران  مٿس ڪيس ڪري جيل اماڻيو ويو ھو آزاد تيڻ بعد ڪالو واڻيو  پنهنجي  دڪان تي پنهنجو پاڻ مٿان پئٽرول ھاري باھ ڏني هئي  جنهن سبب سندس %60 سيڪڙو جسم سڙي ويو  هو ۽ کيس نازڪ حالت حيدرآباد ريفر ڪيو ويو هو جتان کان ڪراچي نيو ويو هو جتي اڄ فوت ٿي ويو آھي.

  • بٺوري جي نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت لائبريري کولي ورتي

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺورو جي نوجوان پنهنجي ڪوششن سان لائبريري قائم ڪري ورتي، مزدوري جي ڪمائي ۽ خرچي مان ڪتاب وٺڻ جي شوق ۾ 500 کان وڌيڪ ڪتاب گڏ ڪري ورتا، لائبريري ۾ ڀٽائي جا 25 کان وڌيڪ رسالا پڻ موجود، محترمه بينظير ڀٽو سان لکپڙه وارا خط پڻ موجود، حڪومتي سطح تي ڪابه سار نه لڌي ويئي، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي علي بندر محلي جي رهواسي نثار شورو پاران پنهجي والد کان ڪتابن گڏ ڪرڻ جو ورثي ۾ مليل شوق سانڊيندي ڪيترائي ڪتاب گڏ ڪري لائبريري ترتيب ڏني آهي، سندس گهر ۾ قائم لائبريري ۾ ڀٽائي جي مختلف رسالن سميت 500 کان وڌيڪ مختلف موضوعن تي ڪتاب موجود آهن،جنهن ۾ سائين جي ايم سيد، سيد علي محمد شاھ راشدي، قرت العين حيدر، گئبريل گارشيا مارڪي، لينن سميت مختلف اديبن جا ڪتاب موجود آهن، صحافين سان ڳالهائيندي نثار شورو چيو ته سندس والد کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو جنهن وٽ 1948 ۾ اخبار جهان اداري پاران موڪليل قائد اعظم محمد علي جناح جي اٽو گراف واري تصوير ڏسي کيس پڻ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو جنهن کان پوءِ ملندڙ چرخي ۽ مزدوري ۽ پگهر جي پورهئي مان ڪمايل رقم مان ڪتاب وٺڻ شروع ڪيا، هن چيو ته هو چار درجا پڙهيل آهي جنهن سبب کيس ڪتاب پڙهڻ ۾ مشڪل پيش ايندي آهي پر تنهن هوندي به سندس شوق گهٽ نه ٿيو آهي، هن ٻڌايو ته ڀٽائي سان محبت سبب شاھ جا 25 کان وڌيڪ رسالا پڻ گڏ ڪيا آهن ۽ کيس ريڊيو پروگرام ٻڌي ڀٽائي کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سرڪار سندس سرپرستي ڪري ۽  هتي لائبرري ٺھرائي ڏي ته هتي جي پڙھيل لکيل نوجوانن کي ڪتاب پڙھڻ جو بهترين موقعو فراهم ٿي سگهي ٿو جنهن سان ڪتابن ڏانهن لاڙو وڌندو ۽  نوجوان سماجي براين کان بچي سگهندا.

  • ڪنڌڪوٽ ۾حادثي جي زخمي نينگرن جي علاج لاءِ ڪيمپ قائم

ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ سماجي شھرين طرفان معصوم ٻارجي علاج جي  مالي مددلاء لائيبريري ۽ مين روڊ ته شھرين ڪئيمپ قائم ڪئ وئ اتي ويٺلن مولوي الله دادبهلڪاڻي محمدعلي ميراڻي شمس دين لاشاري قاضي فضل الله چاچڙ ۽ ٻين چيو ته ٽي هفتا اڳ معصوم نيگير عبدالحفيظ بهلڪاڻي مدرسي کان واپس اچي رهيو هو ته ان جو تنگواڻي روڊ مائ جي مسيت ته موٽرسائيڪل سان ايڪسيڊينٽ ٿي پيو جنهن جي نتجي ۾ نيگر۽ ان جوپئ حبيب الله زخمي ٿي پيا جڏهن ته نيگر جا ڇڏا   چيئرجي پيا۽ جسم جا ڪافي حصا به متاثرٿيا آھن ۽ هو رحيم يارخان جي اسپتال ۾ علاج هندڙ آھي ۽ معصوم ٻارجا وارٽ تمام غريب آھن اسين ان جي لاء شھر۾ امدادي ڪئيمپ قائيم ڪئ آھي ۽ شھرين کي اپيل آھي تي مسڪين جي مدد ڪئ وڄي جئين ان جو علاج ٿي سگهي.

  • پني عاقل ويجهو نوجوان کي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو

پنوعاقل (ن ع آ )جيڪب آباد کان پيار جي پرڻي لاءِ پنوعاقل پھتل 18 سالن جو نوجوان ڌاڙيلن جي اغوا ٿيڻ کان بچي ويو،تنگواڻي واسي نوجوان احمد خان ولد الھرکيو گاجاڻي جيڪو فون ذريعي عورتاڻي آواز ۾ حرکجي پنوعاقل پھتو ته ايس ايڇ او بائجي گل حسن سومرو ڳجھي اطلاع تي نوجوان کي سڌوجا لنڪ روڊ وٽان ڌاڙيل تيغاڻي ٽولي پاران اغوا ڪرڻ کان ڪجھ منٽ اڳ پھچي بچائي ٿاڻي تي پھچايو،جتي نوجوان جو چوڻ ھو ته ھو  ڪيتري عرصي کان موبائيل فون تي پيار جي شادي لاءِ ڪوشش ڪري رھيو ھو،پنوعاقل پھچڻ کانپوءِ بائجي پوليس ھڪ وڏي واقعي کان بچائي ورتو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.