لاڙڪاڻي ۾ بدامني، ٻن گهرن مان لکين رپين جو ڌاڙو، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي فيصل ڪالوني ٽو جي رهواسين علائقي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ وليد پوليس خلاف نيو بس اسٽينڊ رائيس ڪئنال روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي رهواسين ڪرياني دڪاندار مهرالله ڪلهوڙو، پورهيت عبداللطيف چانڊيو، جاويد جتوئي، کوسو، الهه وڌايو مغيري، علي گل ملاح، جاويد جتوئي، عبدالرشيد چانڊيو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته گذريل هڪ مهيني کان اسان جي علائقي ۾ ڏينهن توڙي رات جي وقت ڏوهاري وارداتون ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري اسين رهواسي عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته مهينو اڳ 11 آڪٽوبر جي رات هڪ وڳي هٿياربندن ڪرياني دڪاندار مهرالله ڪلهوڙو جي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي سندس گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 8 لک 10 هزار روڪ رقم، اڍائي تولا سونا زيور ۽ 10 کان وڌيڪ ڪپڙن جا جوڙا چوري ڪري ويا هئا ۽ 20 ڏينهن اڳ چورن پورهيت جاويد جتوئي جي گهر ٻاهريان بيٺل موٽرسائيڪل جا تالا ٽوڙي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا جڏهن ته ڪالهه منجھند ڌاري احساس ڪفالت جي آپريٽر عبداللطيف چانڊيو جي گهر ڀاتين جي غير موجودگي ۾ نامعلوم چورن گهر جا تالا ٽوڙي اندر گهڙي 55 هزار روپيه روڪ رقم، تولو سونا زيور، نئين بئٽري، ڪپڙن جا جوڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا هئا. هنن چيو ته ڄاڻايل وارداتن خلاف اسين مسلسل هڪ مهيني کان وليد ٿاڻي جي پوليس کي شڪايتون ڪندا پيا اچون پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ صرف ٿاڻن تائين محدود ٿي وئي ۽ اسان کي ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. رهواسين آءِ جي سنڌ، لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڌاڙن ۽ چورين وارن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري روڪ رقم، سونا زيور، ڪپڙن جا جوڙا توڙي ٻيو سامان واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.