جهول لڳ عورت جو قتل ڪيس داخل، بيان قلمبند نه ٿيا

جهول (ن ع آ) جهول ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش ملوڪاڻي ۾ گذريل ٻه مهينا اڳ 25 سالا نوجوان شاديءَ شودا عورت مسمات ڪائنات کي باھ ڏئي قتل ڪري مارڻ جو ڪيس ڪورٽ ايڊيشنل سيشن جج ون سانگهڙ جي حڪم تي ڇهن جوابدارن هر هڪ نالي امداد علي پٽ سومر؛ نثار علي ولد سومر؛ نديم ولد ملوڪ؛ نصير ولد عبدالحسين؛ اختر علي ولد نظر محمد؛ زوار علي ولد محمد بخش ملوڪاڻي سميت ڇهن جوابدارن تي قلم 302 "149 پي پي سي 2021 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس داخل ٿيڻ کي چار ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين قاتل ٿيندڙ ناري جي جاءِ واردات تي ايس ايڇ او ناهي ويو الٽو اڄ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ايس ايڇ او جهول ياسر مغل فريادي کي ڌمڪائي ڪجهه ويڊيو ڀريون آهنذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ايس ايڇ او جهول جوابدار ڌر کان چار لک رپيا وٺي جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي علي رضا ملوڪاڻي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ايس ايڇ او جهول ياسر مغل مون کي ڪيس تان هٿ کڻڻ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون پڻ تياريون ڪري رهيو آهي هن آخر ۾ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته منهنجي ڀيڻ ڪائنات جي ڪيس ۾ تذڪرو ڪيل جوابدارن کي گرفتار ڪري ايس ايڇ او جهول ياسر مغل کي هٽائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.