لاڙڪاڻي ويجهو نوجوان مبينا اغوا، ويڊيو وائرل، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ والي ڏنو شر جي رهواسي عورتن مبينا اغوا ٿيل 16 سالن جي نوجوان جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي امڙ سياڻي خاتون شر پنهنجي سهري محمد نواز، سس سوڍي خاتون، ڌيءَ پوپري، ڪلثوم، پٽ رابيل، ڏيرياڻي خيران خاتون شر سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل خميس ڏينهن منهنجو پٽ عرفان پنهنجي سئوٽ ڪامران سان گڏجي لاڙڪاڻي شهر مان موبائل فون خريد ڪرڻ لاءِ نڪتو ته چوھڙ پور ڀرسان درين واري پل وٽ شر برادري جي بااثرن ياسين، نادر، سانول شر سميت 9 ڄڻن کيس سرعام روڊ تان اغوا ڪري موٽرسائيڪل تي کڻي گم ڪري ڇڏيو جنهن دوران ڪامران پاڻ ڇڏائي گهر پهتو جنهن اسان کي سڄي معاملي بابت آگاهه ڪيو بعد ۾ اسان جي مردن حد جي ماهوٽا ٿاڻي تي پهچي اهڙي اين سي داخل ڪرائي پر ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس پٽ کي بازياب نه ڪرائي سگهي جڏهن ته اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ تي اسين پوليس کي اهڙا ثبوت به ڏنا پر پوليس صرف ٿاڻن تائين محدود آهي خدشو آهي ته اغوا ڪندڙ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيندا جيڪا وڏي ناانصافي آهي.هنن آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوجوان کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اهڙي ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هڪ راهه گير همراهه ويڊيو رڪارڊنگ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ مبينا طور نوجوان کي ڪجهه ماڻهو موٽرسائيڪل تي کڻي وڃي رهيا آهن جن جو ويڊيو ۾ چوڻ آهي ته هي اسان جو ڪارو آهي ۽ هن اسان جو ماڻهو ماريو آهي. وائرل ٿيل ويڊيو بابت ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل معاملو ميروخان قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سان واسطو رکي ٿو تنهن ڪري وڌيڪ معلومات قمبر شهدادڪوٽ پوليس کان ملي سگهي ٿي. اهڙي معاملي بابت ماهوٽا ٿاڻي جي ايس ايڇ او رفيق مغيري صحافين سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان عرفان پٽ شاهنواز شر محرم الحرام جي مهيني ۾ قتل ٿي ويل علي نواز پٽ عبدالجبار شر جي قتل ۾ ملوث هو جنهن کي ميروخان ٿاڻي جي پوليس ٺوڦ چوسول ڀرسان گرفتار ڪري کڻي وئي آهي. هوڏانهن ميروخان ٿاڻي جي ايس ايڇ او واحد بخش لاشاري صحافين جي رابطي ڪرڻ تي نوجوان عرفان شر جي گرفتاريءَ کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي نوجوان جي گرفتاري بابت ڪا خبر ناهي ۽ نه ئي ان نالي سان ڪو نوجوان ٿاڻي تي گرفتار ٿيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.