بهارو ڀرسان نينگري جي قبر ڪشائي، جزا ورتا ويا

بهارو (رپورٽ جاويد پنهور ) بهارو ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سائدي لوئر ۾ 7 مھينا اڳ سيد سجاد علي شاهه جي گهرمان قرآن پاڪ جي تعليم وٺڻ لاءِ ويل 13 سالا نينگري ڀانل ڌيءَ محمد ابراهيم سومرو جو لاش هٿ آيو هو جنهن تي نينگري جي وارثن پاران قتل جو خدشو ظاهر ڪندي  وڪيل اعجاز علي ڀٽي جي معرفت گمبٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي،جڏهن ته اڄ ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ گل محمد بروھي جي نگراني ۾ غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي ميڊيڪل بورڊ جي اڳواڻ فاروق چنو ڊاڪٽر ضمير حسين، امان الله ڀٽو، محمد ياسين آرائين، گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج جي ڊاڪٽرياڻي ڪونج اڪبر سميت ٽيم پھچي سائدي لوئر ۾ پير جعفر علي شاهه جي قبرستان مان نينگري جي قبر ڪشائي ڪري چڪاس لاءِ جزا ورتا ،جيڪي ليبارٽري اماڻيا ويندا جنهن جو نتيجو اچڻ بعد نينگري جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو،جڏهن ته نينگري جي مامي لعل بخش سومرو جي فرياد تي گهر ڌڻي سجاد علي شاهه مٿان بھارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.