ڏوڪري جا مسئلا حل نه ٿيا، 44 هين ڏينهن به احتجاج

ڏوڪري )  رپورٽ : قاضي آفتاب ) ڏوڪري مسئلن جو شڪار آهي شهري مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن ڪالهه 44  ڏينھنبه شهرين سياسي سماجي ڌرين جي ماڻهن واپاري اڳواڻ عبدالحميد جيسر، شيعا علماءِ ڪائونسل ڊاڪٽر غلام علي عاملي، جي يو آئي اڳواڻ محمد عثمان جهتيال، لياقت علي قاضي، محراب خاصخيلي، حبيبﷲ کوکر، مبارڪ گاڏهي جاويد ڪولاچي،غلام قادر ڏيرو  ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ٽائون هال ۾ علامتي بک هڙتال وارو سلسلو جاري رکيو ويو آهي . ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڏوڪري شهر ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي بدامني، چوريون، ڦرون ٿيڻ پنهنجي عروج تي پهتل آهن پر انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي صحت ۽ صفائي جون سهولتون اڻلڀ آهن، منشيات جو سرعام وڪرو جاري آهي چنا پل ڀرسان شراب جو گتو کلڻ سان شهر جا نوجوان نشي جا عادي ٿي وڃڻ جا امڪان وڌي ويا آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڏوڪري تڪ مان چونڊيل نمائندن پاران نوٽيس وٺڻ يا ڪا ٻئي اڳڀرائي ڪندي نظر نه آيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.