ڀريا سٽي ۾ سماجي اڳواڻن پاران هفتي لاءِ ٻوٽا لڳائڻ جي مهم

ڀريا سٽي (   ن ع آ    )   ڀريا سٽي ۾ سماجي تنظيم پاڪستان هيومن رائيٽس  آبزرو۽ يونيٽي اينڊ پيس فورم پاڪستان جي پاران ماحول مان آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي تائين شهر جي مختلف اسڪولز ، آفيسز توڙي پبلڪ پليسز تي وڻ ۽ ٻوٽا لڳائن جي هفتيوار مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي ، ان موقعي تي ٿيل هڪ سادي تقريب ۾ ضلعي جي اڳوڻي نائب نا ظم سيد حسين علي شاهه ٽائون پارڪ ڀريا سٽي ۾ گلن ۽ وڻن جا ٻوٽا پوکي مهم جو افتتاح ڪيو ، ان موقعي سيد حسين علي شاهه ، مهم جو سرواڻ محمد قاسم جو ڻيجو ، وڪيل سيد منور علي شاهه ، مير محمد سهتو ، راڻا عبد الستار ، محمد صابن جو ڻيجو ۽ ٻين ان موقعي تي چيو ته وڻ ماحول ۾ تازگي پيدا ڪري ماڻهن کي سٺي آڪسيجن فراهم ڪن ٿا ، هنن چيو ته وڻ ۽ ٻوٽا زهريلي گيسن کي ختم ڪن ٿا، هنن چيو ته وڻ نه رڳو اسان کي پوکڻ گهرجن پر آس پاس ۾ ماڻهن کي ان جي جاڳرتا پڻ ڏيڻ  گهرجي ، وڻ پوکي ان جي حفاظت به ڪرڻ گهرجي جيستائين اهو وڌي وڏو نه ٿئي ، ان موقعي تي آيل مهمانن  پاڪستان هيومن رائيٽس آبزرو ۽ يونٽي اينڊ پيس فورم پاڪستان جي  سرواڻ محمد قاسم جو ڻيجو جا ٿورا مڃيندي کيس جس پڻ ڏنو ، جنهن هن دور۾ هڪ بهتر ۽ وقتائتو قدم کڻي ماحول کي سوانرڻ جي  هڪ بهترين ڪوشش ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.