نوابشاهه ۾چوري واپس نه ٿيڻ خلاف تيرهين ڏينهن به احتجاج

نوابشاھه (  ڊ ر ) تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميان شورا ۾ چورين ۽ ڦورن جي وڌندڙ واقعن خلاف پير ناصر الدين، پير مظھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڄ تيرھين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪندي چيو آهي ته کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ چورين ۽ ڦورن جو آزار روز جو معمول بڻيل آهي جڏهن ته چورن کي اتان کي بااثر وڏيرن جي حمايت حاصل آھي جنھن جي ڪري حد جي پوليس انھن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، ھنن چيو ته اڄ اسان کي تيرھون ڏينهن آھي ليڪن حد جي پوليس اسان جو مسئلو حل نٿي ڪري، ھنن چيو ته چوري جي واردات جي ڪري شھرين جي جان ۽ مال خطري ۾ آھي رات جي وقت ماڻھو پنھنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن، ھنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ ان امان بحال ڪرائي شھرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ چورن جي حمايت ڪندڙ بااثرن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.