ڀان جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج، وڏي وزير جي گهر اڳيان ڌرڻو

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل ) ڀان سيدآباد ۾ آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف ڀان سيدآباد شهر جي باء پاس روڊ کان هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ آبادگار سنڌ جي وڏي وزير سيدمرادعلي شاه جي ڳوٺ واهڙ پهتا جتي سي ايم هائوس واهڙ اڳيان زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگاراڳواڻ ڪامل خان پنهور، منظور جمالي، سليمان راڌڻ، نورمحمد جمالي، اختر جمالي، لياقت جمالي، شريف پنهيار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو، بعد ۾ ٽينٽ لڳائي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن ڪامل پنهور،منظورجمالي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو تہ آبپاشي عملدار هٿ وٺي زراعت کي تباهه ڪري رهيا آهن،دائم برانچ، دل شاخ، اڪتڙ شاخ، ڀان مائينر شاخ کي هٿ سان سڪائي پاڻي چوري ڪرائي آبپاشي عملو پاڻي کپائي رهيو آهي، شاخن ۾ پاڻي بجاء واري اڏامي رهي آهي، پاڻي بحران سبب لکين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن پر افسوس ته ڪنهن به احتجاج جو نوٽيس ناهي ورتو. آبادگارن جي احتجاج دوران پوليس ۽ آبادگارن وچ ۾ منهن ماريون پڻ ٿيون، پوليس جي وڏي نفري بڪتر بند گاڏي سميت موجود رهي، 5 ڪلاڪن کانپوء سي ايم هائوس واهڙ جي مئنيجر غلام حسين هاليپوٽو، چيف انجنيئر آبپاشي لاڙڪاڻو سيد سردار علي شاهه،۽ سپرينڊنٽ انجنيئر دادو سرڪل اقبال پليجو ڌرڻي ۾ پهتي مظاهرين سان ڳالهيون ڪندي 5 ڏينهن اندر سمورين شاخن جي پڇڙي تائين زرعي پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي آبادگارن جو احتجاج ختم ڪرايو.

  • شاهپور چاڪر ۾ پاڻي کوٽ، فصل سڪڻ لڳا، ڌرڻو

شاھپورچاڪر (ن ع آ ) ڄام واھ جي آبادگارن جو آبپاشي کاتي جي عملدار خلاف شاھپورچاڪر جي سداھ واھ جي پل تي احتجاجي مظاهرو ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري نواب شاھ ۽ سانگھڙ مين ھاء ويز روڊ تي ھلندڙ ٻنھي طرفن ڏانھن سموري ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڄام واھ جي آبادگارن حاڪم ڏاھري لائق مري ،غلام حسين ڏاھري دانھيندي چيو تہ 2 مھينن کان آبپاشي کاتي جي عملدارن زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڄاڻاڻي اسان جو پاڻي بند ڪري اسان جا فصل سڪائي تباھ ڪري اسان جي معاشي تباھي ڪري ڇڏي آھي ڪرپٽ آبپاشي عملدارن کي معطل ڪري اسان کي پاڻي ڏنو وڃي نہ تہ اسان سخت احتجاج ڪندا سون .

  • ٽالهي ۽ ڀرپاسي پاڻي کوٽ، آبادگار پريشان

ٽالهي (ن ع آ) نئوڪوٽ سٻ ڊويزن ۾ پاڻي جو شديد بحران چيٽ جي پوکائي شديدمتاثر. چيٽ جي هڪ فيصد ٻه پوکائي ٿي نه سڳي. اڄ ڳوٺ محمدهاشم گشڪوري ۾ سيڊا شيرشاخ چئيرمين سردارخان لغاري جي سربراهي م هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڊا طرفان آبيانو وصولي جو ٽارگيٽ ٻڌايو ته جلد کان جلد آبيانو جمع ڪرايو وڄي هن اجلاس م چوهدري انعام الله آرائين. نادرخان لغاري.رئيس غلام حسين گشڪوري. يارمحمدچانڊيو.اعجازچانڊيو.رسول بخش گرگيج.۽ ٻئين شرڪت ڪئي. ابادگارن چيو ته آبياني ڏيئڻ لائي تيار آهيون ليڪن پاڻي ڏنو وڄي چيٽ جي پوکائي جوفل ٽائيم هلي پيو ۽ پاڻي ايڪيهون ٿي ويوآهي ڪتان آبيانو ڏيون. جنهن تي سيڊا چيئرمين يقين ڏياريو ته آئون هن سلسلي ۾ آبپاشي عملدارن سان گالهيندس ته شيرشاخ کي جلد ۽ فل ڳيڄ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

  • ٿر ۾ فصلن جا اگهه مقرر نه ٿيا، غريب هاري پريشاني جو شڪار

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾ هيل سال سُٺو وسڪارو ٿيڻ بعد لٿل فصلن جا سرڪاري اگھ مقرر نه ٿيڻ ڪري واپاري هارين کي ٻنين هٿن سان ڦُرڻ ۾ لڳي ويا آهن ۽ خريداري وقت مقرر ٿيل اگهن جي ڀيٽ ۾ هن وقت اڌ اگھ تي فصل ورتو پيو وڃي،اُنهي سلسلي ۾ ٿر جي باشعور نوجوانن پاران مٺي ۾ ڪيل احتجاج بعد ڊي سي ٿرپارڪر نواز سوهو پاران فارملٽي طور هڪ ليٽر جاري ڪندي سول سوسائيٽي جي نوجوانن ۽ واپارين جي گڏجاڻي ڪوٺائي،ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ ڊي سي مقرر وقت کان ڏيڊ ڪلاڪ ڌير سان پهتو،جنهن سبب اڪثر هاري مايوس ٿي واپس موٽي ويا،شام چار وڳي شروع ٿيڻ واري گڏجاڻي ساڍا پنج بجي مشڪل سان ڊي سي نواز سوهو جي صدارت هيٺ شروع ٿي،جنهن ۾ مٺي جي واپارين،باشعور سٿ جي نوجوانن ۽ ڪجھ هارين شرڪت ڪئي،گڏجاڻي دوران شريڪ ٿري نوجوانن ٿر ۾ مهانگائي ۽ فصلن جي گهٽ اگهن جو ذميوار ڊي سي کي قرار ڏنو ويو،نوجوانن ممتاز راهمون،آڪاش هميراڻي،ديال سحرائي ۽ ٻين چيو ته ٿر ۾ ٻنيون پوکڻ وقت ٻڄ جنهن ريٽ تي واپاري هارين کي وڪرو ڪن ٿا،اُهو ساڳئي واپاري نئون فصل لهڻ وقت اگھ اڌو اڌ ڪيرائي گهٽ ريٽ تي اناج هارين کان خريد ڪن ٿا،جنهن جي خلاف انتظاميا اڄ ڏينهن تائين ڪاروائي ته پري جي ڳالھ پر پڇاڻو نه ناهي ڪيو،اسان هن سموري عمل تي ضلعي انتظاميا جي خاموشي کي ڇا سمجهون،هنن چيو ته مسڪين هارين کي ڦريو پيو وڃي،اُنهن جي اُميدن جو قتلام پيو ٿئي،ٿر ۾ فصل توڙي ٻين شين جا اگھ سرڪاري سطح تي درج نه هئڻ سبب ٿر ۾ هاري ماڻهوءَ ٻٽي عذاب ۾ هوندو آهي،ٿر ۾ فصلن جي ناجائز ڪٽوتي،اگھ گهٽائڻ ۽ فصلن جي مختلف جنسن جو غير قانوني ذخيرو ڪرڻ سبب ٿر ۾ فصلن جا اگھ گهٽ ٿي وڃن ٿا،واپارين چيو ته ٿر ۾ فصل جا اگھ ڪيرائڻ جا ذميوار صنعت جا مالڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ کپت آهي،ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو ٿرپارڪر چيو ته ٿر ۾ فصلن جي جائز اگهن جي مقرري لاءِ وجيليئنس ۽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي ٺاهي ويندي،جيڪا اگهن کي عالمي مارڪيٽ توڙي ريجنل مارڪيٽ ۾ فصلن جي اگهن کي ڏسي ريٽ طئي ڪري روزانو جي بنياد تي اگهن جي باري ۾ آگاهي پڻ ڏيندي،هن چيو ته ذخيرو ڪرڻ غيرقانوني ۽ غير اخلاقي عمل آهي،اگهن کي طئي ڪري انهن کي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،هوڏانهن ٻي پاسي ڪوٺايل گڏجاڻي بعد ڊي سي فصلن جا اگھ مقرر ڪرڻ بدران ڪميٽيون جوڙڻ جو آسرو ڏيئي معاملو ختم ڪري ڇڏيو،جنهن بعد ٿر جي شهرن ۾ ساڳئي طريقي سان هارين جي حقن جي خلاف ورزي ڪندي گهٽ اگهن تي فصل خريد ڪيو پيو وڃي،پر انتظاميا ريٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي،جنهن سبب هاري سخت پريشاني سان گڏ لکين روپين جو نقصان ڀوڳي رهيا آهن.

  •  بدين جي شگر ملن چمنيون نه ٻاريون، آبادگارن ۾ڳڻتي

بدين  (رپورٽ : رازق ڏنو کوسو)  بدين ضلعي جي شوگر ملن ڪريشنگ سال 2021۽ 2022 جي تياري نه ڪئي آرمي شوگر مل . کوسڪي شوگر مل . انصاري شوگر مل . باواني شگر مل پاران نه ته ڊيلي وجز اسٽاپ کي گھرايو نه وري شوگر ملن کي ھلائڻ لاء ڪنھن به قسم جي تياري ڪئي آھي وزير اعظم پاران به شوگر ملن کي 20 نومبر کان اڳ ھلائڻ جا احڪمات جاري ڪرڻ باوجود به شوگر ملن پاران ان وزير اعظم جي حڪمن تي عمل نه ڪيو آھي شوگر ملن وقت سر نه ھلڻ سبب آبادگارن پاران زمينون ڪمند واريون خالي نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پوکي به ڪري نه سگھيا آھن جڏھن ته مارڪيٽ ۾ ھن وقت کنڊ جو اگھ 150 روپيا في ڪلو حساب سان وڪرو ڪيو پيو سنڌ جي وڏي وزير پاران به ڪمند جو اگھ في مڻ 250 روپيا مقرر ڪرڻ جو به فيصلو ڪندي مل مالڪن کي پابند ڪيو پر شوگر ملن پاران نه وفاق ۽ نه وري سنڌ حڪومت جي فيصلي تي عمل ڪيو آھي ڪا به شوگر مل ھن وقت پنھنجو اگھ مقرر ڪري نه  رھي آھي.

  • خيرپور شگرمل پيڙائي شروع ڪري ڇڏي، آبادگارن ۾ مرڪون

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) خيرپور شگرمل نارو ڍورو سيزن 22-2021 جي ڪريشنگ ڪمند جي پيڙائي شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو افتتاح خيرپور شگرمل جي چيئرمين محمد مبين جماڻي جي فرزند ايم ڊي فراز مبين جماڻي، ڊائريڪٽر خيرپور شگرمل احمد علي جماڻي، جنرل مئينجر غلام رسول سومرو جن ڪيو افتتاحي تقريب قرآن پاڪ جي ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي ان موقعي تي خيرپور شگرمل جي ايم ڊي فراز مبين جماڻي ڳالهائيندي چيو ته شگرمل وقت تي ھلڻ سان علائقي ۾ بيروزگاري جو خاتمو آڻي مقامي بيروزگار نوجوان کي روزگار فراهم ڪيو ويندو آهي اسان جو مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ آھي انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان دلي سڪون ملندو آھي خدا پاڪ به راضي ٿئي ٿو اسان جا دروازا آبادگار ھارين ۽ مسڪين ماروئڙن جي لاء ھر وقت کليل آھن ڊائريڪٽر خيرپور شگرمل احمد علي جماڻي  پڻ ويچار ونڊيندي چيو ته جماڻي خاندان جون انسانيت جي لاءِ بيشمار خدمتون آھن شگرمل جي چيئرمين محترم محمد مبين جماڻي مسڪين ماروئڙن جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاء سرگرم آھي افتتاح جي موقعي تي ڊپٽي جنرل مينيجر ايڊمنسٽريشن مئيجر نعيم اختر،جي ايم غلام رسول سومرو ، هيڊ آف ڪين ميان ناصرالدين فاروقي، ڪين مينيجر ڪمال الدين جماڻي، ڊپٽي ڪين جاويد احمد فاروقي، ڊيولپمينٽ ڊپٽي ڪين پرويز احمد مھر، ڊپٽي ڪين مشتاق حسين کهڙو،  ڊپٽي جنرل مينيجر فنانس عبدالوحيد، ڊپٽي جنرل مينيجر ٽيڪنيڪل خادم حسين ميمڻ ڊپٽي جنرل مينيجر پراڊڪشن محمد اسلم، ھدايت جماڻي ٽرسٽ ويلفئير جي ڊپٽي جنرل مينيجر ظهير حسين حيدري، ايڊمنسٽريشن الطاف حسين مري، ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن محب وطن آرگنائيزيشن صوبي سنڌ جي اڳواڻ  ممتاز حسين لاشاري واپاري اڳواڻ يار محمد شيخ، وڏيرو اعجاز علي راڄپر ۽ علائقي جي معزز شخصيتن آبادگار ھارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آبادگار هارين مل ملازمين ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي.

  • ڪڍڻ ۾پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

ڪڍڻ ( رپورٽ بابو کوسو ) اڪرم واھ، ڪڍڻ سب ڊويزن جي مور شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن جو شاخ جي ٽيل ۾ پاڻي نه پھچڻ تي هڪ اجلاس ٿيو جنھن ۾ سوين پوڇڙ۔ جا ننڍا وڏا آبادگار شريڪ ٿيا بعد ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪري ڇتي نعريبازي ڪري ڊاريڪٽر ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو پاڻي ٽيلن ۾ پھچائڻ لاء آبادگار سراپا پاڻي جي پڪار بڻجي ويا، ڳوٺ اسماعيل ڀٽي، جهانجو ڳوٺ مبارڪ راهمون ڳوٺ حاجي مراد لنڊ ميهار لنڊ ڳوٺ بچل پسيو، هوت ملاح، ڳوٺ عبدالحق ملاح اسماعيل ڀٽي عبدالحق ملاح ھوت پسيو جانجھو دل بھادر خان لنڊ فقير ناٿو خان لنڊ جي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھري ڪري پوڇڙ ۾ پاڻي جي گھر ڪئي ماڻھن جي احتجاج کي خطاب ڪندي محمد اسماعيل ملاح، منٺار ڀٽي، پيربخش ڀٽي، عبدالله لنڊ مامو خاصخيلي غفور چانڊيو غلام شبير لنڊ محمد حسين ملاح ۽ ٻين پوڇڙ جي سوين آبادگارن چيو ته ھڪدم مور شاخ سميت ٻيا واھ لائننگ ڪيا وڃن تباھ ٿيل انفرااسٽڪچر ۾ سڌارو آندو وڃي ھنن انھي موقعي تي پاڻي نه پھچڻ لٽ مار ڪرڻ خلاف جلد سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ ھڪ پٽيشن داخل ڪرڻ جو پڻ يڪراء فيصلو ڪيو ھنن چيو ته خريف جي فصل ۽ چيٽ جي فصل ۾ پاڻي نه ملڻ ڪري اسان جو معاشي قتلام ٿيو آھي جنھن جو ازالو ايريگيشن انتظاميا کان ڪرائينداسين ڪورٽ سڳوري اسان سان انصاف ڪندي جيڪڏھن پوڇڙ تي پاڻي ھنگامي بنيادن تي نه پھتو ته تاريخ مذڪوره ڳوٺن مان لڏپلاڻ ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.