ڀرياسٽي ڀرسان ڀاءُ ۽ ڀائٽن هٿان انسپيڪٽر زخمي

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ويجھو ڳوٺ ڪنڊو ٻرڙو ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان سي آءِ اي انسپيڪٽر نوشهروفيروز شمن علي ٻرڙو کي سندس ڀاءَ  رٽائر فوجي اهلڪار محمد يوسف ٻرڙو ۽ ڀائٽي لياقت علي ٻرڙو ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته زخمي پوليس آفيسر کي سندس وارث زخمي حالت ۾ ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو.، جتي ڊاڪٽرن پاران کيس طبي امداد ڏئي نوابشاه اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي زخمي پوليس آفيسر جي پٽ زاهد علي ٻرڙو ٻڌايو ته گھر اندر ٻارڙن جي معمولي ڳاله تان چاچا ۽ سوٽ بابا مٿان ڇرين سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته زخمي پوليس آفيسر کي علاج لاءِ ليٽر ڏنو ويو آهي، ۽ حملي ملوث ٻن جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

  • ٽنڊي آدم مان چور مندر ٻاهر بيٺل موٽرسائيڪل ڪاهي ويا

ٽنڊو آدم (ن ع آ  ) ٽنڊو آدم ۾ مندر ٻاهران بيٺل موٽر سaائيڪل چور ڪاهي فرار رپورٽ موجب ٽنڊو آدم جي ميمڻ پاڙي۾ واقع جهولي لال مندر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل کي اڻڄاتل جوابدار ڪاهي فرار  ٿي ويو اها موٽر سائيڪل فياض انصاري نالي شاگرد جي هئي  جيڪو مندر ۾ هلندڙ ڪمپيوٽر سينٽر پڙهڻ لاء آيل هو واقعي جا سي سي ٽي وي ڦوٽيج مندر جي انتظاميا پوليس حوالي ڪيا آهن  جنهن ۾ ھڪ نينگر موٽر سائيڪل کي ڪاهيندي نظر اچي رهيو آهي  جنهن جو چھرو واضح آهي مندر جي انچارج بابا راجو جو چوڻ آهي ته اين سي داخل ڪرائي آھي ۽ سي سي ٽي وي ڦوٽيج به پوليس کي ڏنا آهن هن  جوابدار کي گرفتار ڪري موٽر سائيڪل هٿ ڪري ڏيڻ جي گهر ڪئي آھي.

  •  بدين ويجهو  مفت طبي ڪئمپ، سوين مريضن جو آپريشن

بدين  (ن ع آ)   13 نومبر ڇنڇر جي ڏينهن ڳوٺ سينگالو نزد پوسٽ  شهيد افضل ۾  32 ونگ ٿر رينجرز طرفان هڪ روزه مفت ڪئمپ لڳائي وئي،  جنهن  ۾ ڊاڪٽر اياز خواجه، ڊاڪٽر نيلوفر،  ڊاڪٽر شيراز خواجه، پروين،غلام شبير ، علي اڪبر، مرتضيٰ، عبدالمجيد ۽ رينجرز  جي ڊاڪٽرن ۽ آفيسرن ۽ پيرا ميڊيڪل جي عملي  شرڪت ڪئي. هن ڪئمپ ۾ 148 مردن، 95 عورتن. 120 ٻارن، 45 مريضن جا الٽرا سائونڊ ۽ 90 ماڻھن کي ڪووڊ  ويڪسين  پڻ لڳائي وئي. ٽوٽل 498 مريضن  جو مفت علاج ڪري دوائون پڻ مفت ڏنيون ويون. ان موقعي تي ڊي ايس آر انعام الله. انسپيڪٽر  صفدر، ۽ 32 ونگ ڪرنل اڪمل بشير طرفان رينجرز ڪئمپ جي ڪاميابي تي سڄي ٽيم جو ٿورو مڃيو.

  • ڏهرڪي ۾ ماڙي ڪمپني خلاف احتجاج جاري

ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي جي ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي انتظاميه پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نہ ڏيڻ ڌارين جي ڀرتي ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ انتطاميه پاران جي يو آءِ جي اڳواڻن سان ٿيل معاھدي تہ عمل نہ ڪرڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام ڏھرڪي جي سڏ تي جي يو آءِ جي ڪارڪنن پاران ڪمپني جي گيٽ اڳيان ڇهين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ضلعي امير مولانا اسحاق لغاري ،غلام نبي مهر ۽ ٻين چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ پنجاب صوبي سميت ٻين صوبن جي ڌارين ماڻھن کي گهرائي انهن کي گيس ڪمپني ۾ روزگار ڏئي مقامي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي رھي آھي جيڪا مقامي ماڻهن سان ناانصافي آھي انهن چيو ته جيستائين انتطاميه اسان جا جائز مطالبا منظور نه ڪندي اسان جو احتجاج جاري رهندو هوڏانهن ڏهرڪي بار جي وڪيلن غلام رسول مهر ۽ ٻين احتجاج ڪئمپ تي پهچي جي يو آءِ ڪارڪنن کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو ان موقعي تي وڪيل غلام رسو مهر چيو ته قانون مطابق جتي گيس نڪري ٿو ته ترقياتي ڪمن توڙي روزگار جو پهرين مقامي ماڻهن جو حق آهي پر ماڙي پيٽروليم جي انتظاميه مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا درواز بند ڪرڻ سميت ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪري مقامي ماڻهن سان زيادتي ڪري رهي هن چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته مقامي ماڻهن جي حقن جي خاطر جي يو آءِ جي ڪارڪنن پاران شروع ڪيل احتجاج کي 6 ڏينهن گذري ويا آهن پر هن مهل تائين تڪ مان چونڊيل نمائندن ۽ ضلع انتظاميه مان ڪو به  عملدار لڙي نه آيو .

  • دادو ۾ مهانگائي خلاف سماجي تنظيم جي بک هڙتال

دادو ( ڊ ر )  دادو ۾ سماجي تنظيم انٽرنيشنل پيس آرگنائيزيشن پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ ضلعي ۾ هٿرادو مهانگائي خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي دادو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻڻ بعد علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، مظاهرين عبدالستار سولنگي، محمد ايوب سولنگي، ابراهيم جمالي ۽ ٻين دانهيو ته ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ته ٻئي طرف ضلعي ۾ هٿرادو مهانگائي ۽ ضلعي انتظاميا جي خاموشي سبب منافع خور سرگرم ٿي ويا آهن ڀاڄين سميت کائڻ پيئڻ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن مظاهرين مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ ضلعي ۾ هٿرادو مهانگائي تي ضابطو آڻي غريب مسڪين ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رهندو.

  • گهوٽڪي ۾ احتجاج ڪندڙ اهلڪار سان ڊي آءِ جي ملاقات

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ جيل جي پوليس اهلڪار نثار احمد لاشاري پاران جيل جي وڏي منشي جي ذيادتين خلافٻار وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏئي احتجاج ڪرڻ وارو معاملو. واقعي جي عوامي آواز  تي خبر نشر ٿيئڻ بعد نوٽيس ورتو  آء جي جيل پاران نوٽيس وٺڻ بعد ڊي آء جي جيل سکر ڊسٽرڪٽ جيل پهچي پوليس اهلڪار نثار احمد لاشاري ۽ جيل سپرينڊنٽ جا بيان رڪارڊ ڪيا, ڊي آء جي سکر مان اميد آهي ته شفاف انڪوائري ڪري مونسان انصاف ڪيو ويندو,پوليس اهلڪار نثار احمد لاشاري, واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي جي پوليس اهلڪار نثار احمد لاشاري جيل جي وڏي منشي عزيز هڪڙو خلاف احتجاج ڪيو هو ۽ بيمار پٽ اسپتال ۾ هجڻ باوجود موڪل گهرڻ تي رشوت طلب ڪرڻ تي ٻن ٻارڙن کي وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏنا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.