ميرپور ٻرڙي ۾ عورت مڙس خلاف ٿاڻي تي پهتي

ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ ) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي تي مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي  عورت پناه لاء پهتي، عورت کي پوليس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي عورت پنهنجي پيء حوالي. خبر موجب؛ ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ زيبن ٻرڙو جي رهواسڻ 30 ورهين جي مسمات رابيعہ زال زيبن ٻرڙو جيڪا پنهنجي مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهتي جتي ميرپور ٻرڙو پوليس ناري کي سول ڪورٽ ٺل پهچايو جتي ناري ڪورٽ سڳوري کي بيان ڏيندي چيو تہ منهنجو مڙس زيبن ٻرڙو مونکي بناجواز روز بہ زوز سخت تشدد ڪندو هو. ۽ مون کي مارڻ جون  ڌمڪيون ڏيندو هو. جنهن تي مون پنهنجو گهر ڇڏي ٿاڻي تي پناه ورتي. جن مون کي اوهان وٽ پيش  ڪيو ناري وڌيڪ بيان ۾ چيو تہ مونکي منهنجي پيء جي حوالي ڪيو وڃي. جنهن جي ڪورٽ سڳوري ناري کي پنهنجي پيء محمد مٺل ابڙو حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيئي پڏيو. جنهن تي ميرپور ٻرڙو پوليس ناري کي پنهنجي پيء حوالي ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.