ميرپورخاص ۾عورت ناٺي هٿان قتل ٿيڻ جو انڪشاف

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ )9 نومبر تي ميرپورخاص لڳ شهيد بينظير ڀٽو باءِ پاس تي ڳوٺ مبارڪ لغاري جي ڪمند جي فصل ۾ رت ۾ لٿ پت هند بسترو ۽ پلاسٽڪ وارو تڏو پوليس کي هٿ اچڻ واري واقعي جو ڊراپ سين ٿي ويو آهي، هٿ آيل تڏو ۽ هند بستر ميرپورخاص جي واسڻ  ثناءُ زال تاج محمد پنهور کي قتل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيو آهي، رت ۾ لٿ پت تڏو ۽ هند بستر هٿ اچڻ بعد معاملي جي اصل حقيقت تائين پهچڻ لاءِ جانچ دوران ڳجھي اطلاع تي سي آئي اي پوليس هڪ رڪشا ڊرائيور سميت چئن ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ بعد پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ٿيو ته وحشي صفت ناٺي شوڪت علي پنهور پٽ نورمحمد پنهور سس پاران سندس گھر واري کي واپس ساڻس نه موڪلڻ ۽ سندس زال کي طلاق ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي ناراض ٿي پنهنجي سئوٽ دوست عامر پنهور سان گڏجي سس کي بي رحمي سان ڪهي قتل ڪرڻ بعد سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري لاش کي ٻوري ۾ بند ڪرڻ بعد لاش جھنگ ۾ اڇلائي ۽ بستر سميت تڏي کي ڪمند جي فصل ۾ اڇلائڻ بعد فرار ٿي ويا. پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد سندن نشاندهي تي قتل ڪيل سس جي لاش هند بسترو ۽ پلاسٽڪ جو تڏو هٿ اچڻ واري هنڌ کان ڏيڍ کان 2 ڪلوميٽر پري ڳوٺ محمد بروهي لڳ ڪمند جي فصل مان هٿ ڪري بنا سسي جي لاش سول اسپتال ميرپورخاص پهچائي جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪئي ويئي آهيجڏهن ته قتل ٿي ويل عورت جي سسي جي تلاش جاري آهي، بنا سسي جي لاش گھر پهچڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ جي هر اک اشڪبار ٿي ويئي. هان ڏاريندڙ قتل جي واقعي جي حوالي سان سي آئي اي انچارج  عنايت علي زرداري , تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او بدرالدين ٻرڙو صحافين کي ٻڌايو ته قتل ٿي ويل عورت ثناءُ زال تاج محمد پنهور  کي گهريلو مسئلن تان  سندس ناٺي شوڪت علي پنهنجي ساٿاري سئوٽ عامر پنهور قتل ڪيو آهي جن کي گرفتار ڪيو ويوآهي گرفتار جوابدارن پڇا ڳاڇا دوران قتل جو اعتراف به ڪيو آهي هنن چيو ته عورت جو ڌڙ، ڪپڙا، پرس  ملزمن جي نشاندهي تي مختلف هنڌن تان ملي چڪا آهن باقي سسي جي ڳولا جاري آهي ملزم ٻڌائين ٿا ته عورت جو ڪپيل ڪنڌ اسان بسترو اڇلائڻ واري هنڌ جي ڀر ۾ ٿيلهي ۾ ويهڙي  ڪمند ۾ اندر اڇلايو هو جنهن جي تلاش جاري آهي جوابدارن پاران ٻڌايل علائقي جي ڪيترائي ڀيرا تلاشي وٺڻ جي باوجود سسي هٿ نه آئي آهي ٿي سگهي ٿو ڪو جانور سسي گهلي کڻي ويو هجي يا رات جي ٽائيم هجڻ ڪري جوبدارن سسي اڇلائڻ واري هنڌ ياد نه رکي سگھيا هجن پر تلاشي جو سلسلو جاري آهي هنن چيو ته جوابدارن وڏي چالاڪي سان وحشياڻي واردات لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر پوليس ڪجھ ڪلاڪن جي پڇا ڳاڇا بعد سڄو معاملو پڌرو ٿي ويو آهي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي نه پهتا آهن وارثن پاران تدفين کان واندا ٿي ٿاڻي تي اچڻ شرط ڪيس داخل ڪيو ويندو. ناٺي هٿان بي رحمي سان قتل ٿي ويل ثناءُ پنهور جي مڙس تاج محمد پنهور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زال جي قتل ۾ ملوث  ملزم شوڪت پنهور سندس منهنجو نياڻو به آهي سندس نياڻي سان شادي بعد جوابدار اڪثر ساڻس جهيڙو ڪندو هو جنهن ڪري ڌي مڙس شوڪت علي پنهور جي روز جي جهيڙي کانپوء تنگ ٿي ساڻس ڪاوڙجي اسان ماءۡ  ۽ پيء وٽ اچي رهيل هئي جنهن تي ملزم ناٺي شوڪت پنهور معاملي جي ڳالهين لاءِ پنهنجي سس کي  دوکي سان فيصلي جي بهاني مصطفيٰ ٽائون جي هڪ بنگلي ۾ گھرائڻ بعد کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بنائڻ بعد ڪهي  قتل ڪري لاش جو ڌڙ ۽ سسي ڌار ڌار ڪمند جي فصل ۾ مختلف هنڌن تي  اڇلايو  هن چيو ته جوابدارن وڏو ظلم ڪيو آهي زال بنا ٻڌائي شوڪت وٽ ويئي هئي اسان کي ڪا خبر نه هئي سندس گھران پرسرار طور گُم ٿيڻ تي سندس ڳولاھ ڪرڻ جي باوجود نه ملڻ تي اسان سندس گمشدگي جي رپورٽ پڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي اهو وهم گمان ۾ نه هو ته شوڪت اهڙي ڪريل حرڪت ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.