ڀرياسٽي ڀرسان نينگر موٽر سائيڪل تان ڪري زخمي

ڀرياسٽي (   ن ع آ  ) ڀرياسٽي ٺاروشاه لنڪ روڊ تي چانڊيا پٿر لڳ ڳوٺ ڦلو واهڻ واسي 13 ساله نينگر شاڪر علي سولنگي پٽ حامد علي سولنگي موٽر سائيڪل تي ڀرياسٽي اچي رهيو هو، ته موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڪري سخت زخمي ٿي پيو، زخمي نينگر کي ڳوٺاڻن فورن ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمي نينگر کي ڊاڪٽرن پاران فورن طبي امداد فراهم ڪئي، جڏهن ته نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشهروفيروز ريفر ڪيو ويو،جڏهن ته زخمي نوجوان جي سوٽ صفيع الرحمن سولنگي ٻڌايو ته مان سکر کان ڀريا پهتو هيس، ته سوٽ مون کي کڻڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي اچي رهيو هيو ته هي حادثو پيش آيو.

  •  ماتلي ۾ ويڪسينٽرن پاران مبينا برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

ماتلي (ت. ر  ) سنڌ جي 336 ويڪسينيٽرن کي مبينا برطرف ڪرڻ خلاف ويڪسينيٽرن۽ ليڊي ھيلٿ ورڪرز پاران ڪرم علي شاه مصطفي جروار.شڪيلہ عباسي.راشدہ نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ تعلقه اسپتال ماتلي جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا.اڳواڻن چيو ته حڪومت ڪورٽ جو جواز ڄاڻائي سنڌ جي 336 ويڪسينيٽرن کي برطرف ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.مظاھرين وڌيڪ چيو ته اسان 15کان 27 تاريخ تائين ھلندڙ سرڪاري MR مھم جو پڻ بائيڪاٽ ڪيون ٿا.ھنن اھو به چيو ته اسان کي اپ گريڊ ڪري ٽائيم اسڪيل ڏنو و ڄي.آخر ۾ ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته 336 ويڪسينيٽرن کي بحال ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت۾ احتجاج جاري رهندو.

  • صوفي بزرگ حمل فقير جو ميلو، ملهه پلهوانن پاران زور آزمائي

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ جي معروف بزرگ صوفي شاعر حمل فقير جي سالياني ميلي جي موقعي تي سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران ملھه ايسوسي ايشن جي ضلعي صدر محمد ايوب لنڊ جي نگراني ۾ ملاکڙو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ سنڌ جي مشھور ملھه پھلوانن حصو ورتو، ملاکڙي ۾ ملھه پھلوان قربان ھوتيپوٽو، لال محمد لنڊ، حاجي صاحب لنڊ، خادم ملاح، لياقت چانڊيو، غلام نبي چانڊيو، علي گل زرداري، فدا چانڊيو، حمزو حجام، حبيب الله چانڊيو، لقمان لنڊ ڇانيل رھيا، ڪامياب ۽ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ ملھه پھلوان کي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد عامر حسين پنھور انعام ڏنا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.