ميرپور ٻرڙي ڀرسان گم ٿيل نوجوان گهر پهچي ويا، وارث خوش

ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ) ميرپور ٻرڙو  شهر جو گم ٿي ويل نوجوان گهر پهچي ويو. خبر موجب؛ ميرپورٻرڙو  شھر جو رھواسي  20سالا نوجوان ميرھادي ولد الله ڏنو انصاري مبينا طور ٻن ڏينهن کان گُم ٿي ويو هو جيڪو ڪاله پنهنجي گهر پهچي ويو، جنهن کي وارثن  ٿاڻي تي پهچايو جتي نوجون مير هادي انصاري صحافين  کي ٻڌايو تہ مان 2 ڏينهن اڳ سکر گهمڻ لاء ويو هيس منهنجي موبائل فون خراب ٿي وئي جنهن تي وارثن سان رابطو ڪٽي ويو. جنهن تي منهنجا وارث پريشان هئا مان هاڻي گهر پهتل آهي.

  • لاڙڪاڻي ۾ بجلي بندش خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ايمپائر روڊ گهاڙ واهه جي رهواسين مبينا طور رشوت نه ڏيڻ تان بجلي ڪاٽا ڪرڻ واري عمل خلاف گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي هنن سيپڪو خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي رهواسين راحب علي جتوئي، حسن علي سولنگي، پپن علي جتوئي، غلام اصغر جتوئي ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته ايمپائر سب ڊويزن جي ايس ڊي او نور مغيري هر مهيني 25 هزار روپيه رشوت نه ڏيڻ تان پنهنجي خانگي عملي سان گڏجي اڄ منجهند ڌاري اسان جي علائقي ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر جون 11 هزار تارون ڪٽي بجلي جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اسان هر مهيني بجليءَ جا بل به ادا ڪندا آهيون پر ان جي باوجود اسان کان ڳري رشوت طلب ڪري وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي.رهواسين سيپڪو چيف سکر سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ايمپائر سب ڊويزن جي ايس ڊي او نور مغيري ۽ سندس خانگي عملي خلاف ڪاروائي ڪري جلد کان جلد بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

  • ٺل ۾ شهرين جو بدامني خلاف احتجاج

ٺل (ن ع آ) ٺل ۾ شهرين جو وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ٽائرن کي باهيون خبر موجب ٺل ۾ وڌندڙ بدامني ۽ موٽر سائيڪل ڦر ۽ چوري جي وڌندڙ وارداتن خلاف شهرين جو محبوب علي نوناري ضمير احمد ٻرڙو احسان سرڪي عبدالرشيد نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي کان احتجاجي مظاهرو ڪري رهبر چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٺل جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪيو احتجاج ڪندڙ مظاهرين چيو ته ٺل ۾ هڪ ڀيرو بدامني جي باه ڀڙڪي اٿي آهي هر روز موٽر سائيڪل ڦر چوري جون وارداتون وڌي ويون آهيون شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء شهرين کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي هنن چيو ته هر روز گهرن مان چوري ۽ موبائيل فون ۽ موٽر سائيڪلون ڦر جهڙيون وارداتون پش اچن ٿيون پر پوليس اگهور ننڊ ستل آهي هنن گهر ڪئي ته چورين ڦرن جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.