ٽنڊي محمدخان ۾ بااثرن خلاف مظاهرو، گهر ساڙي لڏائڻ جو الزام

ٽنڊومحمدخان ( ڊ ر) ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ حاجي غفور پنجابي جي رهواسين پاران کين ڳوٺ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ بااثر مٿان سندن 4 گهرن کي باھ ڏيئي ساڙڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب آڏو مردن ، عورتن ۽ ٻارڙن جو احتجاج ، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ڀرسان 10هون ميل ڳوٺ حاجي غفور پنجابي جي رهواسين محرم مڱڻهار ، رمضان ، راڻو مڱڻهار ، خميسو ، مسمات نوران ، مسمات گل بانو ۽ ٻين ٽنڊومحمد خان پريس ڪلب ٻاهران علائقي جي بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي هنن الزام هڻندي چيو ته چوڌري لياقت ، چوڌري يوسف ، چوڌري يعقوب ، چوڌري اقبال ۽ ٻين اسان کي ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ اسان جي 4 گهرن کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ اسان جي گهرن ۾ پيل سونا زيور سميت ٻيو قيمتي سامان ۽ هڪ معصوم 4 مهينن جو نينگر نظير احمد سڙي سخت زخمي ٿي پيو آهي هنن چيو ته اسان 30 سالن کان هن ڳوٺ ۾ رهون ٿا ، اسان کي مذڪوره ماڻهو زبردستي ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ گهرن تي حملا ڪري رهيا آهن ، هنن چيو ته اسان ڪپور چيڪ پوسٽ تي وياسين پر پوليس اسان جو فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري رهي آهي اسان غريب مسڪين آهيون هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف ڏنو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.