ڀارت ۾قيد مهاڻن جي آزاديءِ لاءِ چوهڙ جمالي ۾ريلي

چوهڙ جمالي ( رپورٽ : محمد اسماعيل ميمڻ ) چوهڙجمالي ڀارتي جيلن ۾ سالن کان ناحق قيدي بڻيل ماھيگيرن جي آزاديءَ لاءِ فشر فوڪ فورم پاران نور محمد ٿهيمور, عادل لغاري , خادم ونگائي, پي پي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ گل حسن شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ستاواھ کان  احتجاجي ريلي ڪڍي مدني چوڪ تي ڌرڻو هينو ويو، احتجاج قيدي ماھيگيرن جي آزاديء لاء ڪيل احتجاج ۾ ناحق قيدي بڻيل ماھيگيرن جي وارثن ماھيگيرن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, جنهن ۾ ماهيگيرن جي آزادي جي لاء سخت نعري بازي ڪئي وئي, احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شاهبندر, جاتي,  ڇهڇ جهان خان سميت مخلتف علائقن جا 26 کان وڌيڪ ماهيگير سالن کان ڀارتي جيلن ۾ قيد بڻيل آهن, سنڌن معصوم ٻچا فاڪاڪشي واري زندگي گذراڻ تي مجبور بڻيل آهن سندن وارث پنهنجي پيارن جي آزادي لاء پريشان آهن, مڇي جي شڪار لاء ويندڙ غريب مهاڻا حدبندي جي تڪرار سبب گرفتار ٿين ٿا, پر کين ڪيترو ئي عرصو گذرڻ باوجود آزاد نٿو ڪيو وڃي, ساحلي پٽي جا ماهيگير اڄ به غربت جا ليڪر کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن,  ان موقعي تي وفاقي حڪومت، عالمي برادريء جي تنظيمن انساني حقن جي تنظيمن کان ناحق قيدي بڻيل ماھيگيرن جي آزاديء لاء مطالبو ڪيو ويو جڏھن ته فشر فوڪ فورم پاران قيدي ماھيگيرن جي آزادي لاء جدوجھد ۽ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.