شاهه لطيف يونيورسٽي جي اڳوڻي ڪنٽرولر تي 10 هزار ڏنڊ

خيرپور (س ر) هاءِ ڪورٽ سکر جي ڊبل بينچ جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس ذوالقفار سانگي جي عدالت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي رٽائرڊ اڳوڻي ڪنٽرولر غلام شبير ڦلپوٽو پاران رٽائرمينٽ کانپوءِ ايل پي آر ۽ ٻيون مراعتون نه ڏيڻ خلاف ساڳي نوعيت جون ٻه الڳ الڳ درخواستون داخل ڪرائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس هڪ درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي ۽ مٿس 10 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميه جي وڪيل نياز حسین ميتلو موجب ٻڌڻيءَ دوران عدالت غلام شبير ڦلپوٽو پاران ساڳي نوعيت جون ٻه الڳ الڳ درخواستون داخل ڪرائڻ تي رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي 20 هين گريڊ جي نوڪري ڪيئن ڏني وئي توهان ته پنجين گريڊ جي به لائق نه آهيو ڇونه توهان تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي. ان موقعي تي غلام شبير ڦلپوٽو نوعيت جون ٻه الڳ الڳ درخواستون داخل ڪرائڻ تي عدالت کي معافي نامو لکي ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.