جادم منڱريو جون ساروڻيون

تحرير؛ليکڪ ۽ جادم منڱريو

اسين اڪثر ان کان  ٻڌاندا هياسين آهي ته ”مان وڏو ماڻهو ناهيان،  مان هاري جو پٽ آهيان،  منهنجو پيءُ  غريب هو،  اسان وٽ ڪجهه به نه هو، سڀ ڪجهه پير صاحب پاڳاري جي دعائن جو اثر آهي، نه ته مون جهڙو هاري جو پٽ وزير ٿئي ها؟ وزير اعظم جو صلاحڪار ٿيڻ سڀ ڪجهه مرشد جي دعائن ۽ مديني واري جي مهربانيءَ سان ٿيو آهي،“ هو منهنجي والد شهاب الدين منشي جي وفات کان پوءِ هڪ ئي سال 2020 ۾آخري دفعو  مون سان هڪ ئي سال  ۾ ٽي ڀيرا ملڻ آيو، ته مان پاڻ سوچڻ تي مجبور ٿي ويس ته  آخر هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي،  هو جڏهن به آيو. منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”ڳڻتي نه ڪر، تون هڪ عظيم پيءُ جو پٽ آهين، توکي دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي  هلڻو آهي،

هاڻي منشي صاحب نه آهي  ته پوءِ مان  تنهنجو وڏو ڀاءُ موجود  آهيان، هي گهر منهنجو پنهنجو آهي. اها فقير جادم جي آخري ملاقات 11 سيپٽبر 2020 تي منشي هائوس تي ٿي هئي جڏهن پير پاڳاري جي حڪم تي انجي وڏي پٽ  ايم پي اي  پير محمد راشد ۽ حر جماعت جا معزز  ماڻهو منهنجي والد جي فاتحه خواني لاءِ منشي هائوس پهتا هيا.  فقير جادم منڱريو مون سان اها گفتگو ان موقعي تي ڪئي هئي.

جادم منڱريو ڪير هو؟ ڇا  هيو؟ تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هئي. پر ان انسان کي پنهنجي الله  پاڪ ،  ان جي رسول  صه ۽ قرآن پاڪ مرشد جي ڪمال جو عشق هو،  هن پنهنجي زندگيءَ جي شروعات انتهائي غربت ۽ فقيري سان شروع ڪئي،  هو اڪثر اسانجي محفل ۾  جڏهن  به حسين هارون،  قبول کٽياڻ، پير محمد صادق، ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ ، ڪليم الله وساڻ، مسعود جماڻي ۽ ٻيان دوستن ۽ محفلن ۾ سگار جو ڪش لڳائي پنهنجي ماضي کي ياد ڪندو هو،   پنهنجي مرشد جي دعا ۽ مديني واري مير جي ڪرم جي ڳالهه ڪندو هو، ته ان فقير جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ ۽ چهري تي هڪ الڳ تاثر هوندو هو.

فقير جادم منڱريو جي سياست جي شروعات  مسلم ليگ فنڪشنل جي شاگرد ونگ سان ٿي،  پوءِ هو پنهنجي پارٽي  ۽ حر جماعت جو معزز بڻجي ويو، جادم منڱريو  نه رڳو هڪ سياسي انسان هو،  پر ان جي وجود ۾ انسانيت به ڀريل هئي. هو ڪنهن غريب کي خالي ڪونه موٽائيندو هو، اڪثر جادم منڱريو  ان جي ننڍي ڀاءُ خضر حيات منڱريو سان گڏ هوندو هو، هو ڪنهن به غريب کي ڏسندو هو  ته فورن ان کي پنهنجو ماضي ياد ايندو هو، انکي دعا جي معجزن، روحاني  ڪچهريون ۽ پيرن فقيرن تي گهڻو ڀروسو  هوندو هو.

جادم فقير جو حيدرآباد جي دل قاسم آباد جي ماڻهن تي هڪ وڏو احسان لکان  ته اهو سچ  هوندو، هن شخص پنهنجي مرحومه والده  جي نالي تي حيدرآباد ۾ ”جيجل ماءُ اسپتال“ جهڙي هڪ فلاحي اسپتال قائم ڪئي، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا وڏا ڪروڙ پتي ۽ سياسي ليڊر ۽ سيٺ  ڏٺا آهن،  پر الله جي راهه ۾ خرچ ڪندڙ فلاحي ادارا ٺاهڻ وارا گهٽ ڏٺا، پر ”جيجل ماءُ اسپتال“ غريب ماڻهن جي لاءِ هڪ تحفو  ڏنو آهي . جتي سڄي سنڌ سميت ٿر پارڪر جي ريگستان  کان ڪاڇو تائين غريب ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي آهي.

مان اڪثر ان اسپتال ۾ رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، پروانو ڀٽي، ذوالفقار قادري، سميت سنڌ جي وڏن وڏن سياستدانن ۽ قلمڪارن جو  علاج ٿيندي ڏٺو،  جنهن لاءِ  جادم منڱريو هميشه چوندو هو ته مون کي هن  مان پئسن جي ضرورت ناهي،  بس دعا ڪريو،  اهو منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

جادم منڱريو پنهنجي علائقي جي ماڻهن خاص ڪري پنهنجي پارٽيءَ هڪ وڏي سياسي ۽ سماجي شخصيت هئي، هن ماڻهوءَ سان ضرور سياسي اختلاف رکي سگهجن ٿا، پر هن جي  عملي شخصيت جي خوبي اها هئي ته، جيڪڏهن ان جو دشمن به هڪ دفعو ان سان ملڻ لاءِ ايندو هو ته پوءِ هو ٻي ملاقات جو طلبگار بڻجي ويندو هو جنهن جادم کي مان  هڪ ڀاءُ  جي حيثيت سان ڄاڻيندو هئس،  ان انسان ۾ بيشمار خوبيون هيون،  هن جو جنهن سان لاڳاپو، دوستي يا واسطو رکندو هو . اهو رشتو آخري وقت تائين قائم رکيو ايندو هو.

منهنجي ان سان  دوستي سندس روحاني مرشد  پير سائين شاهه مردان شاهه  مرحوم جي ڪري هئي،  شروع ۾ ته هو منهنجو دوست هو، پر وقت جي رفتار مون کي ان جو  محبوب،  دوست ۽ ڀاءُ  بڻائي ڇڏيوـ هو اڪثر حيدرآباد ۾ ايندو هو ته رات جو عشاءَ جي نماز کان پوءِ مونکي فون ڪندو  هو،  وڏا ماڻهو،  ڪٿي آهين، رات جي ماني کائينداسين،

فقير ڪڏهن به رات جي ماني اڪيلو نه کائيندو هو،  ۽ حيدرآباد ۾ توکان سواءِ ماني هضم  به نه ٿيندي آهي،  اچو ته رات جي گڏجي ماني کائون، ان جي ڪچهري محفل ۽ چرچن جو انداز ئي پنهنجو هو، هو هڪ کرو ۽ سچو انسان هو،  هن ڪڏهن به ڪوڙ  ڳالهائڻ کان پاسو  ڪندو هو ۽ ڪڏهن به منافقت نه ڪئي.

جادم منڱريي عمرڪوٽ جي سياست ۾ نه رڳو  پنهنجو نالو ڪمايو،  پر سنڌ جي عوام جي خوشين ۽ غمن ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو.  هو سنڌ دوست ، محب الوطن پاڪستاني هو جنهن کي پنهنجي ڌرتي  ۽ هن ملڪ جي پاڪ فوج سان عشق هو،  پاڪستان جي سياست  کان وٺي  بين الاقوامي معاملن تي سندس تمام گهڻي نظر هوندي هئي، هو جڏهن به ڪنهن محفل  ۾ ويهندو هو ته  خاموشيءَ  ۽ ادب سان ان کي ٻڌندو هو، پر آخر ۾ جڏهن به ڪنهن محفل مان ويندو هو ته پويان ان جون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون.

جادم منڱريو پاڻ  هڪ سخي انسان هو، پنهنجي دسترخوان تي هو پنهنجي مخالف جي به ايتري عزت ڪندو هو، جيتري پنهنجي دوست جي عزت ڪندو هو، هو پنهنجي ذات ۾ بي پناهه  بهترين انسان هو،   يقيناً جادم منڱريو جي وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، ان کي ڪير به ڀري نٿو سگهي،  هن دنيا مان رخصت ٿيندي هن پنهنجي دوست سان گڏ مخالفن کي به روئاري ڇڏيو هو، هو هن ڌرتي جو دلير ۽ سچو پٽ هو، جنهن کي نومبر جي بي رحم مهيني ڪورونا جي بهاني سان وٺي اسان کان ڌار ڪيو،

جادم مڱريو جو ڏک منهنجي لاءِ ڪڏهن به پراڻو نه ٿو ٿي سگهي،  پر اڄ سندس وڃڻ  کان پوءِ مان مرحوم جادم منڱريو جي خوشبوءِ  سندس ننڍي ڀاءُ فقير خضر حيات مڱريو مان محسوس ڪري سگهان ٿو.

جادم جي وفات کان پوءِ جڏهن سنڌي روايت مطابق خضر حيات مڱريو کي پنهنجي ڀاءُ جي جڳهه  تي چونڊيو ويو. اها پڳداري ڪنڊن واري سيج کان گهٽ نه آهي،  اڄ جهڙي طرح خضر حيات مڱريو پنهنجي ڀاءُ وانگر محنت ۽ جدوجهد ڪري رهيو آهي.

ان جو اعتراف اسان پنهنجي عمر ڪوٽ جي تازي دوري ۾ ماڻهن سان حال احوال وٺندي ٻڌو، هو پنهنجي پارٽي ۽ جماعت سميت سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم فقير جادم مڱريو جي نقش قدمن تي هلندي نظر اچي رهيو آهي. جيڪو هن جي ذات لاءِ ڪنهن وڏي امتحان کان گهٽ نه آهي.

هن فقير جي اڄوڪي پهرين ورسي جي نسبت منهنجي سان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ ان جي  پونئيرن کي فقير جادم مڱريو جي رستي تي هلڻ ۾ ڪامياب عطا فرمائي. باقي هيءَ دنيا هڪ اسٽيج آهي،  هتي هر انسان پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان پوءِ واپس  الله تعاليٰ ڏانهن موٽندو آهي، پر اسان کي ضرور ياد رکڻ گهرجي ته تاريخ ۾ ڪجهه به نه بچندو آهي،  انسان کي سندس  ڪردار ۽ چڱائي تاريخ ۾ امر رکندي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.