ٿرين جي مسئلن جي ذميوار ڪامورا شاهي آهي

تحرير؛غازي بجير

ٿرپارڪر ضلعو جتي ڪامورا شاهي جي بادشاهي هجي اُتي مسڪين ۽ غريب ماڻهن کي انصاف ملڻ ممڪن ته ٺهيو ڪو آسرو ئي ناهي،وسڪاري جي موسم دوران موسميات کاتو رُڳو تيز برساتن جي اڳڪٿي ئي ڪري مس ڪري ته مٿان سنڌ حڪومت ڪروڙين روپيا جاري ڪريو ڇڏي،پر برساتون تيز ته پيون به ڪونه پر ٻن سالن دوران تيزطوفانن جي مد ۾ جاري ٿيل ڪروڙين روپيا ڪيڏانهن ويا،ڪٿي خرچ ٿيا،ڪو ڏس پتو ڪونهي،ٿرڪول جي بلاڪن تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا اهم ذريعا ٻُڌائين ٿا ته مختلف پروگرامن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا ورتا ويا؟ ٿرڪول بلاڪ ون جا ذريعا ٻُڌائين ٿا ته اسان مقامي ماڻهن جا مسئلا ڇا حل ڪيون ،ائين هلندي اين جي اوز جا ادارا دانهون ٿا ڪن ته ڪورونا وئڪسين هجي يا پوليو مهم،اُرڙي جي مهم هجي يا ٻي ڪا مهم،هر مهم دوران ٽيمن لاءِ گاڏيون ۽ تيل اسان کان ورتو ٿو وڃي،اسان کي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي،

تازو ٿر جي اسپتالن جي سمورن ڊاڪٽرن پاران ڊي سي خلاف او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج دوران ڪرپشن تي ٻڌل ڪهاڻين جا سمورا پول پڌرا ڪيا،جيڪي يقينن سموري سنڌ ميڊيا ذريعي اُها خبرون پڙهيون هونديون،

ٿر ۾ هٿرادو مهانگائي ماڻهن جو ساھ سُڪائي ڇڏيو آهي،غريب روز خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن،نوجوان دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهن،ڊي سي مقامي سطع تي پيدا ٿيل مهانگائي تي ڪڏهن ڪو قدم ناهي کنيو،جنهن سبب منافعي خور واپاري مسڪين ماڻهن کي ڦُري ڪنگال ڪري رهيا آهن،ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني ڪونهي،ڪيڏانهن وڃن مسڪين،

ٿر ۾ هيل ڪجهھ قدر سُٺيون برساتون پيون،غريب هارين وياج تي قرض ۽ ٻڄ کڻي ٻنيون پوکيون،ٻنيون پوکڻ وقت ٻڄ مهانگو هارين کي ڏنو ويو،جڏهن ٻنين مان نئون فصل لٿو ته واپارين اڌو اڌ اگھه گهٽائي ڇڏيا،هارين گهٽ اگهن خلاف دانهون ڪيون،ڪوڪون ڪيون،ميڊيا تي خبرون هليون،مجال آهي جو مقامي انتظاميا ڪو نوٽيس وٺي.

هنن معاملن کانپوءِ سوين اهڙا معاملا ۽ مسئلا آهن جيڪي لکجن ته ڏينهن لڳي ويندا،ڊي سي آفيس ۾ ٺُپ ويهي نه ٿو،ڪمن ڪارن لاءِ عوام سڄو ڏينهن دربدر ٿيندي نظر اچي ٿي،ٿر ۾ صحت،تعليم،صفائي سميت ڪي به انتظام بهتر ناهن،

ٿر جي هنن سمورن معاملن بابت چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ کي اگاهي ڏيڻ سان گڏ هڪ عرض به ڪجي ٿو ته ٿر جي ماڻهن آخرڪار ڏوھ ڪهڙو ڪيو آهي،خدارا گهٽ ۾ گهٽ ٿر ۾ آفيسر ڪي اهڙ مقرر ڪريو جيڪي آفيس ۾ ويهن ته صحيح،هتي ته صفا انڌير نگري راڄ لڳو پيو آهي ڪو آفيسر ڪنهن غريب جي ڪا دانهن ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي،مسڪين آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن ڪير دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي.

سنڌ جي وڏي وزير کي گهرجي ته ٿر جي صورتحال جو هڪ دفعو جائزو ورتو وڃي ۽ آفيسر شاهي نظام خلاف ڪو عملي ڪم ڪري ماڻهن کي انصاف ڏياريو وڃي،ٿر جي نوجوانن کي گُهرجي ته هو سسٽم خلاف ميدان تي اچن ۽ اصل ذميوار ضلعي آفيسرن  کي پنهجا فرض ياد ڏيارين ته جيئن مسئلا حل ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.