رتيديري ۾شاگردياڻي تي مبينا تشدد معاملو ،جاچ ٽيم پاران الزام رد

رتو ديرو ( رپورٽ: طفيل ساريو ) رتيديري جي گورنمينٽ گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ڪلاس ٽيچر سعيده ابڙو پاران ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ انزلنا جوڻيجو مٿان مبينا تشدد وارو معامري جو پيپلز پارٽي ليڊيزونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر نوٽيس ورتو آهي ۽ سيڪريٽريري تعليم کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي جنھن بعد ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو معاملي جي جاچ لاء انڪوائري ڪاميٽي مقرر ڪري ڇڏي ، ان سلسلي ۾ الزام هيٺ آيل ماسترياڻي سعيده ابڙو اسڪول انتظاميه سان گڏ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سڀ شاگرد استاد لاءِ پنهنجي اولاد جهڙا هوندا آهن ، مان پنهنجي شاگردياڻي مٿان ڪو به تشدد ناهي ڪيو شاگردياڻي مٿان مبينا تشدد جي انڪوائري لاءِ مقرر ڪيل ٽيم شيخ زيد هائر سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي جي پرنسپل ڪريم بخش ۽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي هيڊ ماستر قلندر بخش جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول رتوديرو پهچي اسڪول جي اسٽاف سميت الزام هيٺ آيل ماسترياڻي ، اسڪول جي پرنسپل عابده سومرو ، گسٽا اڳواڻ سيف الله ابڙو ۽ شاگردياڻي جي پيء انيس الرحمٰن جوڻيجو جا بيان ورتا ، انڪوائري ڪاميٽي جي ميمبر پرنسپل قلندر بخش ٻڌايو ته اسان سڄي اسٽاف کان بيان وٺڻ بعد ان نتيجي تي پهتا آهيون ته شاگردياڻي کي ڪنهن به قسم جي حراسمينٽ يا تشدد جي ڪا به شاهدي ناهي ملي اسين اهڙي رپورٽ ٺاهي اعليٰ اختيارين کي اماڻي آهي ، جڏھن ته نينگري جي پيء انيس الرحمٰن جوڻيجو پنھنجو مؤقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.