سرداري نظام خلاف ناظم جوکيو ۽ شيرين جوکيو جو مزاحمتي ڪردار ۽ انقلابي جماعتن جو شروع ٿيل امتحان

تحرير؛زرار پيرزادو

¨ ڪي واقعا، ڪي حادثا، ڪي ظلم، ڪي صدما ڪڏهن ڪڏهن پاڻ طاقت بڻجي، للڪار بڻجي، بغاوت ٿي انقلاب آڻي ڇڏيندا آهن.

¨ نه ناظم جوکيو ڪو انقلابي شخص هو ۽ نه ئي سندس وني ڪا نظرياتي عورت آهي پر حالتن کين تمام مزاحمتي ڪردار بڻائي ڇڏيو آهي.

¨ سنڌ اندر سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي خلاف هونئن ته هر دور ۾ جدوجهد ٿي آهي پر ان جدوجهد کي عام غير سياسي ڪردارن پوءِ مائي بختاور هجي، مائي جندو هجي يا ام رباب هجي جيڪا اُڇل پئي ڏني آهي سا حيرت جوڳي آهي.

¨ اهڙن عام ڪردارن ۾ نئون نالو شهيد نظام جوکيو ۽ ان جي بيواهه شيرين جوکيي جو به اڀري آيو آهي. شيرين جوکيو پنهنجي هڪ ذاتي صدمي کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي خلاف ڪيئن طاقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو آهي، ڪيئن للڪار بڻجي بيهي رهي  آهي تنهن کيس سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي خلاف اڄ مزاحمت جو استعارو بڻائي ڇڏيو آهي.

¨ ناظم جوکيو، پکين جي شڪار واري غير قانوني واردات جي ويڊيو ٺاهڻ ۽ شيئر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ٿيو ته هو ماحولياتي تحفظ لاءِ جان ڏيندڙ سنڌ جو پهريون شهيد بڻجي پنهنجي تاريخ ٺاهي ويو.

¨ ۽ ناظم جوکيي جي جيون ساٿياڻي شيرين جوکيو پنهنجي ور جي شهادت واري مشن جو الم کڻي جنهن پلاند جي رستي تي نڪتي آهي، بي خوف ٿي، سر ساهي نڪتي آهي تنهن کيس مزاحمتي ڪردار بڻائي ڇڏيو آهي. ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي ڪمزوري ”موت“ هوندو آهي پر جڏهن مقصد آڏو ايندو آهي ته موت جو خوف به ختم ٿي ويندو آهي. شيرين جوکيو به پنهنجي محبت جي پلاند واري مقصد کي آڏو رکي مزاحمتي رستي تي نڪري چڪي آهي.

¨ هوءَ اڄ اڪيلي ناهي، اڪيلو ته ناظم جوکيو به نه هو. هو وڏيرن کان معافي وٺي پنهنجي جان بچائي به سگهي پيو پر هن کي خبر هئي ته سنڌي ميڊيا سندس همت ۽ غيرت جي وارثي ڪندي بظاهر هو ان وقت اڪيلو هو پر هن ميڊيا جي ڏڍ تي جان جي به پرواهه نه ڪئي.

¨ نه ناظم جوکيو ڊنو ۽ نه ئي سندس بهادر وني ڊڄي رهي آهي ۽ تاريخ به اهڙا فرد ئي ٺاهي سگهندا آهن، هر ڪنهن جي وس جي به ڳالهه ناهي.

¨ اسان کي شيرين جوکيو نالي پنهنجي بهادر نياڻي تي ناز آهي، سندس ثابت قدمي تي فخر آهي جنهن سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهيءَ جي ڪوٽ کي پنهنجي همت سان واريءَ جو ڪوٽ بڻائي ڪيرائي وڌو آهي.

¨ جڏهن ته ٻئي پاسي ڪيترائي چڱا ڀلا، سياسي ۽ نظرياتي ماڻهو توڙي ليکڪ، دانشور ۽ ڪالم نگار ثابت قدمي جي موجوده  امتحان ۾ خاموش رهي پاڻ کي سواليه نشان بڻائي ڇڏيو آهي. ڄڻ اهي موقعي پرستي، ذاتي لاڳاپن ۽ چمڪ جو شڪار ٿا هجن. جڏهن ته حقيقي تبديلي صرف ۽ صرف ثابت قدمي سان ايندي آهي.

¨ شيرين جوکيو به ممڪن آهي ته اڳتي هلي خاموش ٿي وڃي ان تي ميار به ناهي جو هوءَ ڪا نظرياتي ۽ انقلابي خاتون ناهي پر نظرياتي ۽ انقلابي ماڻهن کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي خلاف ٺهيل موجوده مزاحمتي ماحول مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي ۽ ان کي مهم طور کڻڻ گهرجي، امتحان اصل ۾ هاڻي نظرياتي ۽ انقلابي پارٽين جو آهي ۽ اهي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي خلاف مزاحمتي ماحول کي  ڪيئن ٿا ڪنهن وڏي تبديلي ۾ منتقل ڪن ٿا پر ايئن نه ٿئي ته اِهي  اندروني طور تي انهن کي بچائڻ جو سبب بڻجي ويهي رهن.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جي دور ۾ عام ماڻهو ته مزاحمت لاءِ تيار آهي پر باغي ۽ انقلابي اڳواڻ ڳولهيا نٿا لڀن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.