ق ليگ جا وزير نالي ماتر آهن، ڪو اختيار نه اٿن: ڪامل آغا

اسلام آباد(م ڊ) ق ليگ جي سينيٽر ڪامل علي آغا چيو آهي ته هن حڪومت کي سوا ٽي سال ٿيا آهن،طئي ٿيوهو ته ڪنهن به فيصلي کان اڳ اسان جي جماعت سان مشاورت ٿيندي، اڄ تائين حڪمران جماعت اسان سان هڪ به فيصلي ۾ صلاح مشورو ناهي ڪيو، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان پنهنجي اتحاد جي ذميواري قبول ڪئي، سينيٽ چونڊ ۾ چوڌري پرويز الاهي جي حڪمت عملي سبب حڪومت کي هڪ به ووٽ جي ضرورت نه پئي، حڪومت کي ياد ڏيارڻ لاءِ سينيٽ چونڊ ئي ڪافي آهي، حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون،اتحادي وزيرن وٽ ڪو اختيار ئي ناهي.جڏهن ته حڪومت سان اتحاد برقرار رکجي يا نه، ق ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.