ميان صاحب” ووٽ کي عزت ڏيو“ نعري کانپوءِ منافقت نه ڪريو: ڪائره

لاهور(م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته عمران خان جا ساٿي به هن جو ساٿ نه پيا ڏين ، ميان صاحب ”ووٽ کي عزت ڏيو“ نعري بعد منافقت نه ڪريو، پنجاب ۾ بي اعتمادي آڻڻ چاهي پئي، ن ليگ نه مڃي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ن ليگ عمران خان جي حڪومت جا 5 سال مڪمل ڪرائڻ چاهي ٿي، پيٽرول سستو ڪرڻ جو نعرو هڻندڙ عمران خان عوام جو تيل ڪڍي ڇڏيو آهي، ن ليگ ساٿ ڏئي ها ته اڄ عمران خان حڪومت ختم ٿي چڪي هجي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.