اسلام آباد ۾ شطرنج جي راند هلي رهي آهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسلام آباد ۾ شطرنج جي راند کيڏي پئي وڃي. حڪمران ۽ نام نهاد اپوزيشن جا ٻه ميمبر هيڏانهن ته ٽي هوڏانهن جي ڳڻپ ۾ مصروف آهن. سياسي جوڙ توڙ لڳائي رهيا آهن ته جيڪڏهن هيئن ٿيو ته ڇا ٿيندو جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڇا ٿيندو؟ قوم کي اسٽيٽس مان نڪرڻ جو واحد رستو ڇوٽڪاري جو اهو آهي ته چاچا، ڀائٽيا، ڀائر ۽ پيءُ پٽ سياستدان ڏهاڪن کان عوام تي راڄ ڪندا رهيا آهن ته وري ڪي اپوزيشن ۾ آهن ڪي حڪومت ۾ آهن انهن سمورن مان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. اسان جا نسل حڪمران اشرافيه جي نسلن جا غلام آهن هن چيو ته پي ڊي ايم  جو حصو نه ان جي لاءِ نه بڻياسين ڇو ته ان جي پاليسين ۽ حڪمران پارٽي جي پاليسين ۾ ڪوبه فرق نه آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان بار ايسوسيئيشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.