ايم ڪيو ايم کي ووٽنگ مشين بابت سوالن جا جواب نه مليا: خالد مقبول

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو اهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سڀني کي غيرمشروط طور واپس آڻڻ چاهي ٿي، جيڪي به دبئي ويندا آهن اهي عشرت العباد سان ملاقات ڪندا آهن، منهنجي به عشرت العباد سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿي چڪي آهي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عشرت العباد ايم ڪيو ايم پاڪستان جو حصو آهي گڏ ڪم ڪنداسين، ايم ڪيوايم اصولن تي سمجهوتو ڪري اليڪشن وڙهي ته هارائجي ويندي، اتحادي پارٽي آهيون، اسان جون آفيسون کلڻ گهرجن، اتحادين کي قانونسازي بابت اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، شبلي فراز اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بريفنگ ڏني هئي، اسان ڪجهه سوال ڪيا هئا، جن جا جواب نه مليا، هن چيو ته اسان چيو هو ته مڪاني چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آزمائش طور استعمال ٿيڻ گهرجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.