”اتحاد ختم يا برقرار“ قل ليگ جو اڄ اهم اجلاس طلب

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ (ق) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي (اڄ )طلب ڪيو ويو آهي، جنهن جي صدارت چوڌري پرويز الاهي ڪندو، ان حوالي سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسان 3 سالن کان وفاق ۽ صوبائي حڪومت سان ساٿ پيا نڀايون پر اها اسان سان ساٿ نه پئي نڀائي. پنجاب حڪومت هر علائقي ۾ اسان جي ڪارڪنن سان ناروا سلوڪ ڪري رهي آهي، سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته سينيٽ جي اليڪشن حڪومت کي ياد ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي، حڪمران وساري ويٺا ته ووٽ گهرڻ کانسواءِ ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪئي؟ حڪمران اهو به وساري ويٺا ته سندن ڪو به نمائندو ووٽ گهرڻ نه آيو، ڪامل علي آغا اهو به چيو ته اسان کين سينيٽ جي مشڪل ترين چونڊن ۾ ڪاميابي سان کٽايو آهي، پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ مشاورت بعد متفقه فيصلو جاري ڪيو ويندو.

  • عشرت العباد ۽ فاروق ستار ۾ ملاقات، سياسي پلان جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ ايم ڪيو ايم بحالي ڪاميٽي جي سربراهه فاروق ستار وچ ۾ دبئي ۾ ملاقات ٿي آهي، ذريعن موجب ملاقات ۾ ماضي جا اختلاف وساري اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين اڳواڻن سان به رابطا بحال ۽ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب فاروق ستار ۽ عشرت العباد ايندڙ ملاقات ۾ سياسي حڪمت عملي طئه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.